جمعيت

جمعيت/ جمعية: عربيءَ ۾ هي اصطلاح عام طور جماعت يا انجمن جي معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو. اوڻهين صديءَ جي وچ ڌاري اهو اصطلاح، رضاڪاراڻه علمي، ادبي، تجارتي ۽ فلاحي ادارن کان سواءِ سياسي مقصد لاءِ قائم ٿيل جماعتن لاءِ به استعمال ٿيڻ لڳو، سنڌ ۽ هند ۾ به آزاديءَ جي جدوجهد لاءِ جيڪي جماعتون وجود ۾ آيون، انهن مان هڪ جماعت جميعة ’مجاهدين‘ هئي، جنهن جو بنياد شهيد سيد احمد بريلويءَ رکيو هو. هن جماعت کي سنڌ مان پير صاحب پاڳاري جي حمايت حاصل هئي، پير صاحب هن جماعت جي نه فقط مالي مدد ڪئي، پر پنج سؤ سنڌي مجاهدن جو جٿو به کيس گڏجي ڏنو، جيڪي سڀ مجاهد بالاڪوٽ واري جنگ ۾ شهيد ٿي ويا هئا.
ٻي جماعت ’جمعية العلماءِ هند‘ هئي، جنهن جو بنياد 1919ع ۾ عثماني خلافت جي بچاءَ لاءِ رکيو ويو. ان جي بانين ۾ مولانا محمود الحسن به شامل هو، جيئن ته هيءَ جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس جماعت جي حامي ۽ ٻه قومي نظرئي جي مخالف هئي، ان ڪري 1945ع ۾ مولانا احمد عثمان جي قيادت ۾ جماعت جو هڪ حصو جميعت العلماءِ اسلام جي نالي سان جدا ٿي ويو. هيءَ هڪ مذهبي تنظيم آهي، جيڪا اڄ تائين هلندي ٿي اچي. هن وقت به ملڪ ۾ ’جمعية‘ نالي سان تنظيمون ٺهيل آهن .


لفظ جمعيتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو