جنداوڙا

جنداوڙا (Jandavra) (ٻولي ): هيءَ جنڊ آهوڙيندڙن جي ٻولي آهي، جيڪا باگڙي ٻوليءَ سان 74 سيڪڙو، ڪاتائي ٻوليءَ سان 74 سيڪڙو ۽ ڪولهي ڪڇيءَ سان 68 سيڪڙو هڪجهڙائي رکي ٿي. هيءَ ٻولي سنڌ ۾ حيدرآباد کان اوڀر ۾ ميرپورخاص سميت هندستان جي جوڌپور ۽ راجستان وارن علائقن ۾ ڳالهائجي ٿي. سال 1998ع جي رپورٽ موجب هن ٻوليءَ جا 5 هزار ڳالهائڻ وارا موجود هئا، جيڪو تعداد هن وقت ضرور وڌيو هوندو. هيءَ ٻولي هند- يورپي، هند- ايراني ۽ هند- آريائي ٻولين جي نُک مان چئي وڃي ٿي. جنڊآهوڙا سنڌ ۾ رهندڙ هڪ قبيلو آهي، جيڪو صدين کان جنڊن آهوڙڻ جو ڪم ڪندو آهي. هي گهڻو ڪري ميداني علائقن ۾ رهن ٿا. سنڌي لکڻ پڙهڻ سميت ٿري لهجو به ڳالهائين ٿا ۽ اڪثر ڪري هندو مذهب سان واسطو رکن ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو