جنم

جنم

جنم

جنم (ڪتاب ):هن ڪتاب ۾ سال 1992ع ۾ مختلف ليکڪن جي ڇپيل ڪهاڻين مان چونڊ ڪيل ڪهاڻيون شامل آهن، نامياري ڪهاڻيڪار زيب سـنـڌي ۽ تـاج جــويــي هــن ڪـتـاب کـي گـڏجي سـهـيــڙيــو ۽ گـڏيــل مهـاڳ لـکـيو آهي. هـن ڪتاب ۾ امر جليل، نجم عباسي، اياز قادري، غلام نبي مغل، رزاق مهر، طارق عالم ۽ شگفته شاهه کان سواءِ 32 پراڻن ۽ نون ليکڪن جون ڪهاڻيون شامل آهن. ڊائجيسٽ سائيز ۾ 208 صفحن جو هيءُ ڪتاب 1993ع ۾ ڇپيو، جنهن جي ڪچي جلد جي قيمت 20 روپيا ۽ پڪي جلد سان 40 روپيا آهي. روزاني ’عبرت‘ جي اداري عبرت بُوڪ ڪلب جو هيءُ پهريون ڪتاب هو .


لفظ جنمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو