جنڊاهڙا

جنڊاهڙا: هي اصل لفظ ’جنڊ آهڙا‘ آهي، جنهن جو مطلب ’جنڊا آهوڙيندڙ ماڻهو‘ آهي. جنڊاهڙا پورهيت قسم جا ماڻهو آهن، جيڪي ڳوٺ ڳوٺ وڃي جنڊ آهوڙيندا آهن، جنڊ يا چڪيون ان پيهي گسي وينديون آهن ته جنڊاهڙا ڇيڻين سان انهن پٿر جي جنڊن ۽ چڪين کي تراشيندا ۽ انهن ۾ ننڍا ننڍا خال/ سوراخ ڪندا آهن ته جيئن اَن کرَل ٿي، پيهجي سنهو اَٽو ٿي سگهي. جنڊاهڙا گهڻي ڀاڱي هندو ڌرم سان واسطو رکن ٿا. ڪي بروهي ۽ ٻين ذاتين وارا به جبلن مان ۽ چڪين جا پٿر ٽڪي کڻي ايندا آهن ۽ جنڊ به آهوڙيندا آهن. جنڊاهڙا ڳوٺ ڳوٺ وڃي هوڪو ڏيندا آهن: ’جنڊ آهڙايو، جنڊ آهڙايو‘، ڳوٺن جون عورتون کانئن جنڊ آهڙائي کين اجورو روڪ يا جنسن جي صورت ۾ ڏينديون آهن. جنڊاهڙا پورهيت طبقي جا ماڻهو آهن، جيڪي ڳوٺن ۾ جنڊن آهوڙڻ جو پورهيو ڪري پنهنجو گذران ڪندا آهن ۽ گهڻي ڀاڱي هندو ڌرم سان واسطو رکن ٿا .


لفظ جنڊاهڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو