جهيمڻ

جهيمڻ: جهيمڻ، ٿر ۾ شاديءَ جي هڪ رسم آهي. جنهن ۾ گهوٽ جون ساليون ۽ ٻيون عورتون گهوٽ جي ساهرين گهر اچڻ وقت جهيمڻ گيت ڳائي گهوٽ جو رستو ٻڌنديون/روڪينديون آهن، جنهن بعد گهوٽ گيت جو جواب ڏئي واٽ کي کوليندو آهي. انهيءَ رسم کي جهيمڻ ’ٻڌڻ‘ جي رسم چوندا آهن. جهيمڻ ’ٻڌڻ‘ جا ٻول هن ريت آهن.
اڇو اڇو ٻَگلو، لَئِي مٿي لاٽ،
هلو چلو ناٺِي جِي، ٻَڌِي پئِي اَهي واٽ.
[اڇو اڇو ٻگهلو، لئي (وڻ) مٿان لاٽ،
هل هل ناٺي ڙي! ٻڌي پئي آ واٽ!]
ٻٻڙ مٿي ٻاٻيهو، لَئِي مَٿي لاٽ،
هلو چلو ناٺِي جِي، ٻَڌِي پَئِي اهي واٽ.
[ٻٻر جي (وڻ) تي ٻاٻيهو، لئي مٿي لاٽ،
هل هل ناٺي ڙي! ٻڌي پئي آ واٽ!]
گهوٽ ’جهيمڻ‘ ٻڌل واٽ کولڻ لاءِ هيٺيون جواب ڏيندو، واٽ کوليندو، اڳتي وڌندو ويندو آهي:
چندا تانهجي چاندرڻي، سُتي پلنگ وڇار،
جڏهين جاگان هيڪلِي، کُني پهلِي ڍار.
[اي چنڊ تنهنجي چانڊوڪيءَ ۾ پلنگ وڇائي ستي پئي آهيان
آءُ اڪيلي جاڳان پئي، کني (تلوار) جي پهرينءَ ڌار وانگر!]
وهي ٺونٺا، وهي پنگڙا، وهي ڪالهوڻا ٻار،
مارا مارگ موڪرا، ٿارا مارگ ٻَڌا ڇٽي، ٻارهي ماس!
[هو ڏس ٺونٺا، پنگلا ۽ ڪالوڪا ٻارڙا وڃن پيا، واٽ کُلي پئي آهي. منهنجي واٽ ويڪري (کُليل) آهي، پر تنهنجي واٽ ٻارهين مهينا ٻَڌي پئي آهي.]
جهيمڻ نه کولي سگهڻ جي صورت ۾ گهوٽ، گيت چوندڙ عورتن ۽ پنهنجن سالين کي خرچي ڏئي، پنهنجي جان ڇڏائيندو آهي.


لفظ جهيمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو