جهَڪَ

جهَڪَ

جهَڪَ

جهَڪَ: مٽيءَ وارو طوفان ۽ هوا جو سخت ڇوهو، جنهن سان تمام گهڻي مٽي ۽ ڌُوڙ اُڏامي، ان کي ’جهڪ‘ چئبو آهي. اڪثر ڪري اهڙي طوفاني تيز هوا سان گڏ مينهن به پوندو آهي. ’جهڪ‘ دراصل وڏي واچوڙي جو قسم آهي، جنهن جي پکيڙ گهڻيءَ ايراضيءَ ۾ هوندي آهي. صحرائي علائقن ۾ وڏا
واچوڙا اُٿندا آهن، جن جي ڪري برسات پوندي آهي. سنڌ جي ڏاکڻي حصي لاڙ ۾ ننڍا وڏا واچوڙا اُٿندا رهندا آهن، جن مان ٻه وڏا واچوڙا، جن کي سنڌ وارن طوفان جو نالو ڏنو: تن مان هڪ طوفان (جهَڪ) 1956ع ۾ لڳو، جنهن حيدرآباد، ٿرپارڪر، بدين، سانگهڙ ۽ ٺٽي ضلعن ۾ وڏي تباهي آندي. اهو طوفان شام جو چئين بجي کان شروع ٿيو ۽ سڄي رات لاڳيتو هليو ۽ ٻئي ڏينهن صبح ڌاري ختم ٿيو. ان طوفان ۾ واهن ۽ شاخن جا بند ڀڄي پيا، ڪيترا پکي پکڻ ۽ نانگ بلائون مري ويا. هزارين جي تعداد ۾ ماڻهو ۽ جانور دربدر ۽ لاپتا ٿي ويا. ان طوفان جي اثر کان ٻه سال لاڳيتو زمين سوڪهڙو نه کاڌو، جنهنڪري ڪابه زرعي پيداوار نه ٿي سگهي هئي. ٻيو 1999ع واري جهڪ يا طوفان، جنهن سامونڊي ڪناري وارين سمورين وسندين، ڳوٺن ۽ واهڻن کي تباهه ڪري ڇڏيو. هزارين ماڻهو گپ چڪ ۾ دٻجي مري ويا. سوين ماڻهو ۽ ڍور هوا جي زور تي وڻن ۾ اُڏامي ٽنگجي مري ويا. هزارين گهر ويران ٿي ويا، اها وڏي جهڪ هئي، جنهن جي شروعات ننڍي واچوڙي سان ٿي هئي. اهڙا طوفان آمريڪا جي ڪيترين ئي رياستن ۾ ايندا رهن ٿا.
سنڌيءَ ۾ جهڪ کي هڪ چوڻي طور به استعمال ڪيو ويو آهي ته: ”زمين کري اڪ ڪري، واءُ کري جهَڪ ڪري!“


هن صفحي کي شيئر ڪريو