جوڌيو

جوڌاڻو/ جوڌيو (لوڪ گيت ):’جوڌاڻو‘ يا ’جوڌيو‘ ٿرپارڪر جو مشهور لوڪ گيت آهي. مضمون جي لحاظ کان هيءُ مجاز ۽ محبت تي آڌاريل آهي. هن گيت لاءِ روايت آهي ته هڪ عورت جو جمال شاهه نالي همراهه سان نينهن لڳو. اها عورت ان شخص جي سڪ کي سانڍي، سندس اچڻ جي اڪير ۾ واٽ نهاريندي ٿي رهي ۽ هر ايندڙ کي ڏسي، ان کي جمال شاهه سمجھندي سرتين کي چوندي هئي ته سندس محبوب ’جمال شاهه‘ ايندو هوندو، ۽ هوءَ ساڻس گڏجي ڏٿ چونڊڻ ويندي. هي گيت عورتاڻي زبان ۾ چيل آهن، پر اڪثر مرد ڳائين ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتاب ’لوڪ گيت‘ ۾ رائچند هريجن کان روايت بيان ڪندي لکي ٿو ته ’جوڌي‘ لفظ لاءِ امڪان آهي ته هيءُ ڪنهن خاندان جو لفظ هجي، جنهن کي جوڌاڻا سيد ڪري سڏيندا هجن ۽ عورت جنهن جمال شاهه جي فراق ۾ هيءُ لوڪ گيت چيو، ان جو نالو به ’جميل شاهه جوڌاڻو‘ هجي، ڇو ته هيءُ گيت ڪن هنڌن تي ’جميل شاهه جوڌاڻو‘ جي نالي سان پڻ رائج آهي. هن گيت ۾ عمرڪوٽ جو گهڻو ذڪر ٿئي ٿو، ان مان اندازو ٿئي ٿو ته هي ٻئي عاشق محبوب ان علائقي جا هئا. هن لوڪ گيت جا ٻه شعر نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
رات تـان ســـاري، هـــون هـيـڪــلــڙي هَـتــي
(راتوڪي سڄي رات اڪيلي هيس)
بِلکي بِلکي هون اونچي تان اُٺي ڙي ڏهوئيو
(سڏڪي سڏڪي ماڙيءَ تان لٿي آهيان)
جـمـال شــاهـه جـوڌاڻـو ڏهـوئــو جـوئـان ڙي....
(جمال شاهه جوڌاڻي جي واٽ نهاريان پئي).
جـوڌيـا مــارُوڙي! مـيــن امــراڻـي ري مـارگي
اي جوڌيا! مين مرُوئو روپيو ڙي.


لفظ جوڌيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو