جوکيا

جوکيا: جوکيا ذات لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي سنڌ جا جت ۽ بلوچستان مان آيل جدگال جت آهن، جنهنڪري سنڌ جا جوکيا سماٽي جت سڏجن ٿا. 1854ع ۾ ’ڪلرڪ رپورٽ‘ مطابق هن ذات وارا اصل ۾ راجپوت نسل مان آهن، جيڪي اوائل ۾ شاهه بلال جي اتر ۾ ڪانگڙا جبل جا رهاڪو هئا، اٽڪل ٽي سئو سال اڳ لڏي اچي ملير واري ماٿريءَ ۾ ويٺا. انهن مان ڄام مهر علي، ڄام بجار خان ۽ ڄام چاڪر خان مشهور ماڻهو ٿي گذريا آهن. ڪلهوڙن جي دور جي راجا ساڪري لاهوريءَ کي بجار خان قتل ڪيو هو، جنهن کان پوءِ بجار خان کي ڪلهوڙن طرفان ڄام جو لقب مليو. ان ڏينهن کان وٺي جوکيا پاڻ کي ڄام سڏرائن ٿا. جوکين جو چڱو مڙس ڄام مراد علي خان جوکيو ملير ڪراچيءَ ۾ رهندو هو، جنهن جي پٽ جو نالو ڄام بجار خان آهي. هن ذات جا ماڻهو گهڻو ڪري ڪراچي، ٺٽي سان گڏ سنڌ جي ٻين ضلعن/ شهرن ۾ آباد آهن.


لفظ جوکياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو