جوڳيئڙو

جوڳيئڙو

جوڳيئڙو

جوڳِيئڙو: هي ٻوٽو سنڌ جي وارياسي علائقي ٿر ۾ ٿيندو آهي. هن ٻوٽي جي کنڀيءَ وانگي اها خاصيت آهي ته سانوڻيءَ ميهون ڳيءَ کان پوءِ ڏاڍي تيزيءَ سان ڌرتيءَ (زمين) کي ڦاڙي ٻاهر نڪرندو آهي. ڏسڻ ۾ سيتاڦل جي ميوي جهڙو لڳندو آهي. هن جو رنگ پيلو ڳاڙهسرو ٿيندو آهي ۽ ان جا گل پيلا ٿيندا آهن. ڀٽن جي ڪنارن سان، ڄارين، ڦوڳن ۽ ٻائورين جي وڻن جي اوٽ ۾ اڀرندو آهي. هن جو ٻج ڪو نه ٿئي، پر هي يا اڪيلو يا ڪن حالتن ۾ هڪ کان وڌيڪ تعداد ۾ اڀرندو آهي. هن کي اڪثر جانور نه کائيندا آهن، صرف ٻڪري کائيندي آهي. هي ٻوٽو مختلف طبي دوائن ۾ وکر طور به استعمال ٿيندو آهي. هي ٻوٽو اڳ جي ڀيٽ ۾ هينئر گهٽ ٿيندو آهي .


لفظ جوڳيئڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو