جوڳيا

جوڳيا (راڳڻي): ڀيروٺاٺ جي کاڍو راڳڻي، جنهن ۾ گنڌار سُر ورج آهي. هي اترانگ جو راڳ آهي. هن کي نکاد لڳائي گنڪليءَ کان الڳ ڪيو ويندو آهي. جوڳيا جي آروهيءَ ۾ نکاد ڪو نه آهي. هن راڳڻيءَ ۾ رکب مڌم ۽ ڌيوت مڌم جي سنگت رهي ٿي. امروهيءَ ۾ پنچم دربل آهي. مڌم جو سر خلاصو لڳائڻ گهرجي. ڪي گائڪ چون ٿا ته هي ڀيرو ۽ آساوري جي ميلاپ سان ٺهيل راڳڻي آهي. هن راڳڻيءَ جون خاص تانون، ما- را سا- را را ما را سا- را ما ما پا پا – ڌا ما ر سا. آهن. راڳڻي جي آروهي سا را ما پا ڌا سا ۽ امروهيِ سا ني ڌا پا ما را سا آهي، جڏهن ته وادي سُر کرج ۽ سموادي سُر مڌم اٿس. هن راڳڻيءَ جي ڳائڻ جووقت رات جو پهريون پهر آهي.


لفظ جوڳياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو