جَنڊي

جَنڊي (سونارڪو اوزار ):سونارن جي جنڊي، دهريءَ جي داڻن کي چمڪائڻ لاءِ پتل جي ٺهيل هوندي آهي، ان ۾ دهريءَ جا داڻا وجهي ٿورو ڦيربا آهن ته منجهن چمڪ ايندي آهي. هن جنڊيءَ ۾ ويهارو کن گول گهر ٺهيل هوندا آهن، جن ۾ داڻا وجهي، پوءِ ان مٿان پليٽ رکي ڇڏبي آهي. ان بعد آريٺڙن جو پاڻي پسائي داڻن کي هلائبو آهي، ان جا ٻه فائدا ٿيندا آهن، هڪ ته جيڪي لڳل هوندا، اهي به نڪري ويندا ۽ چمڪ به پيدا ٿيندي، دهريءَ جي داڻن کي. کٻُ ڪڍڻ ۽ گولائي هڪ جيتري رکڻ لاءِ سونارن وٽجنڊي ئي هڪ وسيلو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو