هٿ سان هلندڙ جَهلي

هٿ سان هلندڙ جَهلي

جَهلي

جَهلي: هڪ قسم جو وڏو وِڃڻو آهي جنهن ۾ هڪ مضبوط ڪپڙي جو ٽڪر هڪ ڪاٺي يا تختي چڙهيل يا ڪنهن پٽي وسيلي ڪوڪن سان سوگهو ڪيل هوندو آهي، ان جي ڪاٺيءَ ۾ ٻن ڇيڙن وٽ رسا/ڏوريون وجهي ڇت ۾ ٻڌل ڪُنڊن ۾ ٻڌبو آهي ۽ ان کي هلائڻ يا ڇڪڻ لاءِ ڪاٺ ۾ لڳل ڪنڊن ۾ ٻڌل ٻن ڌار ڌار رسن کي ٿوري فاصلي تي گڏائي ٻڌي، بعضي سڌي هٿ سان، بعضي ان سي کي پُليءَ جي مٿان ورائي ڇڪبو آهي اهڙي ڇڪ سان ڪاٺي ۽ ان تي چڙهيل يا لڳل ڪپڙو اڳتي پوئتي ٿيڻ سان پکي جيان هوا ڏيندو آهي. جيڪو ڇت ۾ ٽنگيل هوندو آهي. ان کي لوڏڻ سان هيٺ ويٺل ماڻهن کي هوا لڳندي آهي، ان کي جهلي چئبو آهي. جهليءَ کي لوڏڻ لاءِ ان جي وچ ۾ نوڙي يا رسو ٻڌل هوندي آهي، جنهن کي هڪڙو ماڻهو هوا لڳڻ لاءِ لوڏيندو آهي. هوا هڻڻ جو اهو پراڻو طريقو آهي، پراڻي وقت ۾ خاص طور بادشاهن ۽ وڏن ماڻهن لاءِ گهرن توڙي دفترن ۾ استعمال ٿيندو هو. هن وقت اهو رواج ختم ٿي رهيو آهي، ڇا ڪاڻ ته اڄڪلهه تقريباً هر هنڌ بجلي اچي وئي آهي.
اتر سنڌ ۾ سخت گرميءَ جي مند ۾ ماڻهو رات جو ٻاهر اڱڻ تي سمهندا آهن، تنهنڪري ڪجهه ضلعن جي ٻهراڙين ۾هڪ ٻئي قسم جي وڏي جهلي ٺاهي استعمال ڪئي وڃي ٿي. انهن علائقن ۾ شڪارپور، غوثپور، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ جون ٻهراڙيون شامل آهن، جهلي جو ٻيو قسم گول ڦرڻ واري جهلي آهي، جنهن ۾ ڪاٺيءَ جي ٽڪساٽ سان گڏهه کي ٻڌي ان کي ڦيريو وڃي ٿو، مٿان جوڙيل ڪاٺ يا ڪاٺين مٿان رليون ٽنگيل هونديون آهن جيڪي ڦرڻ سان هيٺان ستلن يا ويٺلن کي هوا رسائين. اهو سڄو آڏاڻو چڪرين جي آڌار تي ڦرندو آهي جنهن جو سرشتو نار جي ٻن چڪرن واري نموني تي ڪم ڪندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو