جَوڙو

جَوڙو: هيءُ سنڌي ڀرت جو نمونو آهي، جيڪو ٿر، لاڙ، اتر وارن طبعي ڀاڱن جون عورتون ڀرينديون آهن. ’ريسو‘ ڀرڻ کان پوءِ ’جُوڙو‘ ڀربو آهي. مُڪي (ٽوپي چاڙهڻ وارو پاسو) جي ٻن بارڊرن جي وچ ۾ ريسي کان ٻيڻو يا ٽيڻو ٿئي ٿو. وچ واري خال ۾ وري ساڳئي مُڪي سان سگهڙ زالون پنهنجي مرضيءَ موجب گول، ٻن ڪنڊن ۽ ٽن ڪنڊن وارا خانا ٺاهينديون آهن. انهن خانن ٺاهڻ مهل سگهڙ زالون وڏي مهارت کان ڪم وٺنديون آهن. خانن ٺاهڻ کان پوءِ خانن کي مختلف رنگن جي ڌاڳن يا ڪشميري رنگ واري ڌاڳي سان ڀريو ويندو آهي. اهڙي عمل کي ’ٻيجو‘ چوندا آهن. اهڙيءَ طرح مختلف رنگن جي ڌاڳن جي ٽوپن جي ميلاپ سبب ’جوڙو ڀرت‘ انڊلٺ بڻجيو پوي ۽ گهڻو خوبصورت لڳي ٿو. ڪي سگهڙ زالون خانن ۾ شيشي جون ٽڪون به رکنديون آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو