جُهڳو

جُهڳو: ڪکائين گهر يا ڪکن ۽ سَرَن جي ٽوئن مان ٺهيل اجهي کي ’جهڳو‘ چئبو آهي، جهڳو هڪ قسم جو ننڍڙو ڪکن پنن مان ٺهيل ڀونگيءَ نما گهر هوندو آهي، جيڪو عارضي طرح رهڻ لاءِ هوندو آهي. جهڳو، اصطلاحي طور ”گهر“ جي معنيٰ ۾ ڪم ايندو آهي. ”جهُڳي“ بابت سنڌيءَ ۾ ڪيترا اصطلاح ۽ پهاڪا مروج آهن، جهڙوڪ: (1) ’جهڳو جهڻ ٿيڻ،‘ (2) ’پنجابي ايڪ ته ڀائنج ڏون، جي ڏون ته اهو جهڳو، اهو تون‘ وغيره. مڇي مارڻ واري رَڇ جي هڪ قسم کي به ’جهڳو‘ چئبو آهي، جيڪو ست اٺ فوٽ سنهي سُٽ جو ٺهيل هوندو آهي. پشگيم جيڏو رڇ، جنهن کي مهاڻا ٺونٺين تي رکي پاڻيءَ ۾ اڇلائيندا آهن، ان کي به جهڳو چئبو آهي.


لفظ جُهڳوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو