جُهڳي

جُهڳي

جُهڳي

جُهڳي: قديم روايتي قسم جي هڪ اڏاوت، جيڪا ڪاٺين ۽ ڪکن وغيره کي سادي نموني سوگهو ڪري جوڙي ويندي آهي. جهڳيءَ ۾ پوري پني گنجائش هوندي آهي ۽ وڏين قدرتي آفتن کي برداشت ڪرڻ جهڙي نه هوندي آهي. هن ۾ در يا درين وغيره جهڙي ڪا به شيءِ نه هوندي آهي. اُس يا سرد هوا کان بچڻ لاءِ غريب ماڻهو ٺاهي رهن ٿا. جهڳيءَ ۾ بس هڪ پاسي کان هڪ سوڙهو ۽ ننڍو لنگهه هوندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو