جُون

جُون (June ):جارجيا جي ڪئلينڊر مطابق ’جون‘ مهينو سال جو ڇهون مهينو آهي، جيڪو 30 ڏينهن تي مشتمل هوندو آهي. روم جو ’Ovid‘ (اووڊ) نالي شاعر ’جون‘ جي مهيني جون ٻه معنائون ٻڌائي ٿو: (1) هن مهيني تي ’جون‘ جو نالو روم جي ديوي جونو (Juno) تان پيو، جيڪا جپيٽر (Jupiter) جي زال هئي ۽ (2) هن مهيني جو مطلب ’نوجوان‘ آهي، هر سال دوران دنيا جي اتر واري پاسي جوُن جي مهيني ۾ گهڻو وقت سج بيٺل هوندو آهي ۽ جڏهن ته دنيا جي ڏکڻ واري پاسي سج ٿوري عرصي کان پوءِ لهي ويندو آهي، جون کي ’گلاب جي گلن‘ وارو مهينو به سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته هن مهيني ۾ گل تمام گهڻا ٽڙندا آهن ۽ ماکيءَ جون مکيون گلن کي چوسي ماکي گڏ ڪرڻ ۾ مصروف هونديون آهن.
اهو به چيو وڃي ٿو ته ’جون‘ جي مهيني جو نالو ’Juno‘ جونو نالي ’ديويءَ‘ تان ورتل آهي، جيڪا شاديءَ جي ديوي آهي، ان ڪري ماڻهو سٺي ڀاڳ واسطي هن مهيني ۾ شادي ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا آهن .


لفظ جُونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو