جِهرمِري  دري

جِهرمِري دري

جِهرمِري

جِهرمِري: هيءَ هڪ خاص قسم جي دري آهي، جيڪا ڪمري ۾ روشني جي مقدار کي گهٽ وڌ ڪرڻ لاءِ ڪتب آندي وڃي ٿي. جهرمري اصل ۾ انهن سنهين پٽين جي عمودي يا اُفقي جڙاءَ کي چئجي ٿو جنهن کي پاسن ۾ پيل ٻه ڏوريون هجن ٿيون، جن مان هڪ کي ڇڪڻ سان پٽيون بند ۽ ٻيءَ کي ڇڪڻ سان کولي روشني اندر آڻڻ جو مقدار گهٽ وڌ ڪري سگهبو آهي. هن وقت جهرمريءَ کي ڪيترن ئي نمونن ۾ ٺاهيو وڃي ٿو. هيءَ دري پلاسٽڪ ۽ سنهي ڪاٺ جي پٽين وغيره مان تيار ڪئي وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو