جپان ملڪ جو نقشو

جپان ملڪ جو نقشو

جپان

جپان (Japan ):جپان جو سرڪاري نالو نيپون (Nippon) “Kingdom of Japan” آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: ”اڀرندڙ سج جي ڌرتي.“ هي اتر اوڀر ايشيا جو هڪ اهم ملڪ آهي، جنهن جي اتر ۾ روس، اولهه ۾ ڏکڻ ڪوريا ۽ اوڀر ۾ پيسفڪ سمنڊ آهي. جپان ٻيٽن جو هڪڙو ميڙ آهي، جيڪو ايشيا جي اڀرندي ڪناري کان ٿورو پري 3800 ڪلوميٽر ڊگھو ڪمان جي شڪل ۾ 31 ۽ 45 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۾ آهي. جاپان جي ڪل پکيڙ 377728 چورس ڪلوميٽر (145803 چورس ميل) ۽ آبادي 12 ڪروڙ 64 لک 34 هزار آهي. جپان جي گاديءَ جو هنڌ ٽوڪيو ۽ سڀ کان مٿانهون جابلو چوٽي فيوجي ماياس (ڊگهائي: 3776 ميٽر) آهي. هن ملڪ جي سرڪاري ٻولي جپاني آهي ۽ هتي جي موسم گھڻي ڀاڱي خوشگوار هوندي آهي. جپان جي مکيه زرعي پيداوار چانور، ڪڻڪ، پٽاٽا، ميوا، ڀاڄيون، چانهه، بيٽ ۽ تماڪ آهي، مکيه صنعتن ۾ جهاز ٺاهڻ، اليڪٽرانڪس ۽ بجليءَ جو سامان، ٽيڪسٽائل، موٽر گاڏيون، مشينري، لوهه، ايليومينيم، سيمنٽ، ڪاغذ، ماهيگيري شامل آهن. جپان ۾ آئيني بادشاهت آهي، موجوده بادشاهه اڪيهٽو (Akihito) شاهي خاندان جو هڪ ‌سؤ پنجويهون حڪمران آهي. وزيراعظم حڪومت جو اڳواڻ ۽ سڀني انتظامي اختيارن جو مالڪ آهي. وزيراعظم نائٽو ڪان (Naotokan) آهي. جپان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 28 اپريل 1952ع آهي ۽ گڏيل قومن جي اداري (UNO) جو ميمبر 18 ڊسمبر 1956ع کان ٿيو .


لفظ جپانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1952.04.28  عيسوي

جپان جي آزاديءَ جو ڏهاڙو 28 اپريل 1952ع آهي



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سوئيزرلينڊ
جپان
آئرلينڊ
برما
پاڪستان
باگڙ ديس
روس
فارس
عراق
بنگال
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون