جکرا

جکرا (ذات ):هن ذات وارا سمن جو اولاد آهن ۽ سماٽن ۾ شمار ٿين ٿا. هنن جي لاءِ مختلف روايتون آهن، جنهن ۾ هنن جي اصليت جو پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪيل آهي. هنن لاءِ پهرين روايت آهي ته هي ڄام لاکي بن لاکيار سمي جو اولاد آهن، جنهن ٻه شاديون ڪيون ۽ کيس ’گندري ملاح‘ نالي زال مان چار پٽ ٿيا، جن مان ننڍو پٽ ’انڙ‘ هئس ۽ جکرو ان جو اولاد آهي. جنهن مان وري جکري کي اڄڻ، ارادين، ٻگهيا، ٻرا، ڀٽا، پليجا، ڏيٿا، ڏيپر، ساهڙ، لاکا، مڱريپوٽا، هنڱورا، ڳلهڙ، مهڙ، هوٿياڻي، هالاڻي، ٿيٻاڻي ۽ اوڍاڻي نالي پٽ ڄاوا، جڏهن ته ٻي روايت مطابق هي سنڌ جي حڪمران ڄام جوڻي عرف جوناهه جي پيڙهيءَ منجهان آهن، جن مان وري پلي، ساند، ويره، ڄام هاپر، گڙ راهو وغيره ٿيا. جکرا ذات سنگراسين جو پڻ هڪ پاڙو به آهي انهن لاءِ روايت آهي ته اهي راڻي سنگراس جي پٽ ڏجڻ پٽ کينئري جو اولاد آهن .


لفظ جکراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو