جھاڙولا

جھاڙولا: جهاڙولا، چم جا وڏا بوٽ ٿيندا آهن، جيڪي ٿري مالوند ماڻهو، رات جو مال ڪاهڻ وقت نانگ بلائن کان بچاءَ لاءِ پائيندا آهن. هي بوٽ پيرن کان گوڏن تائين ڊگها ٿيندا آهن. جهاڙولن جو ذڪر مومل راڻي جي داستان ۾ هڪ لوڪ گيت هن طرح ملي ٿو.
لونگي لال لڱن ۾ پهريائين پٽ تان
پاتائين ’پانڌي‘ چئي جهاڙولا جهٽ تان
مومل رايو روح ۾ آهي ڪو اسان ڏان،
پاڻ هليو پٽ تان ٻانهي هلي مَهند ۾!
(حوالو: مول راڻو، (لوڪ ادب) ڇاپو پهريون، 1975، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ص 16)


هن صفحي کي شيئر ڪريو