حاڪم

حاڪم: هيءُ گج جو هڪ قسم آهي (جسم تي گج جو وال کن ڪپڙو، جيڪو ڳچيءَ کان وٺي ڇاتيءَ تائين هوندو آهي)، جيڪو خاص طور ڪنوار کي شاديءَ واري ڏينهن لانئن وقت پهرايو ويندو آهي ۽ ان ويس پائڻ کي سٺو سنئوڻ ڪري سمجهيو ويندو آهي ۽ شاديءَ کانپوءِ به پاتو ويندو آهي. هن ۾ ڳاڙهي رنگ جي پٽ جا ٽئونر (گل ڦل) لڳايا ويندا آهن، جن جي چوٽين تي ست مڻيا لڳايا ويندا آهن. پاسن کان اڇي مُڪي (قلابات) جي ڏوري هوندي آهي. جنهن کي ريسا چئبو آهي. انهن ڏورين اندر ننڍيون ننڍيون ٽڪون لڳايون وينديون آهن ۽ پاسن کان ڪشميري جو ڀرت ڀريل هوندو آهي. بند ۾ (ٻانهن، ڪلهن ۽ ڳچيءَ وٽ گج جي ڇيڙن کي بند چئبو آهي.) مُڪيءَ جو آکوڙو، سنهيون ٽڪون ۽ چوڌاري ڪشميرو ڀريو ويندو آهي.


لفظ حاڪمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو