حديث

حديث: حديث جي لغوي معنيٰ آهي: ڳالهه، خبر، نئين شيءِ، ۽ اصطلاحي معنيٰ ۾ حديث ان خبر يا ڳالهه کي چئبو آهي، جنهن ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو قول، فعل يا وعظ، نصيحت ۽ حڪم بيان ٿيل هوندو آهي. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي بيان کي ’حديث‘ جو نالو پاڻ ڏنو ته جيئن ٻين جي ڳالهين ۽ سندن ڪلام ۾ فرق نمايان رهي. پاڻ ڪريمن صه اهو به چاهيو ٿي ته سندن حديث جي حفاظت ۽ روايت عام ٿئي. انهي ڪري پاڻ جڏهن به گفتگو ڪندا هئا ته نهايت آرام سان آهستي ۽ کولي بيان ڪندا هُئا، جيئن ٻڌندڙ پوري ريت سمجهي ۽ سکي سگهن. ضروري ڳالهين کي ته ٽي ٽي دفعا به ورجائيندا هئا، پاڻ سڳورن جو مقصد نه فقط حاضرين کي حديث سيکارڻ هو، پر اهو به تاڪيدي حڪم هو ته اوهان جيڪي ڳالهيون مون کان ٻڌو ٿا، سي ٻين تائين به پهچايو. پاڻ اهو به فرمايائون ته: ”الله تعاليٰ ان شخص جي چهري کي رونق ۽ تازگي بخشي، جنهن منهنجي ڳالهه ٻڌي ۽ ان کي ياد ڪيو، ايستائين جو ان شخص تائين پهچايائين جنهن نه ٻڌي هئي.“ انهن سمورين ڳالهين جي باوجود پاڻ سڳورن حديث جي صحت قائم رکڻ لاءِ ارشاد فرمايو ته: ”جنهن شخص پنهنجي هٿ ٺوڪي ڳالهه کي منهنجي حديث ڪري پيش ڪيو ته ان جي جاءِ دوزخ آهي.“ ان مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سمجهيائون ٿي ته ايندڙ وقت ۾ ڪي مفاد پرست پنهنجن مفادن جي حاصلات ۽ دين ۾ فساد وجهڻ لاءِ اهڙي حرڪت ڪري سگهن ٿا. پاڻ سڳورن صه حديث جي اهميت هن ريت به اجاگر ڪئي آهي ته ”جنهن منهنجي سنت (حديث جي اهميت) کان منهن موڙيو، ان سان منهنجو ڪو واسطو نه آهي.“ پاڻ ڪريمن اهو به فرمايو ته ”جيڪڏهن ڪو شخص قرآن مجيد ۾ فقط پنهنجي راءِ قائم ڪري درست نتيجي تي به وڃي پهچي تڏهن به غلطيءَ تي هوندو.“ قرآن مجيد کي سمجهڻ لاءِ حديث جي ضرورت آهي. حديث بابت ’خبر‘، ’اثر‘ ۽ ’سنت‘ لفظن ۾ معمولي فرق آهي. سنت جي بيان کي حديث سڏيو وڃي ٿو.
حديث جي تدوين (سهيڙ ۽ ڪتابي شڪل): حديث جي لکڻ جو ڪم حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي زماني ۾ ئي شروع ٿي ويو هو. پاڻ سڳورن ڪجهه وقت حديث لکڻ جي منع فرمائي هئي. ان ڪري جو ان وقت تائين قرآن مجيد مڪمل شڪل ۾ نازل نه ٿيو هو ۽ خدشو هو ته حديث لکڻ وارا ڪٿي قرآن ۽ حديث کي ملائي نه ڇڏين. قرآن مجيد جي مڪمل صورت ۾ اچڻ کان پوءِ حديث لکڻ جي اجازت ملي ۽ اها صحابه ڪرام ۽ تابعين جي وقت تائين لڳاتار جاري رهي ۽ مختلف عالمن ڪيترا حديث جا مجموعا لکيا. بعد ۾ حديثن جي تشريح ۽ وضاحت جي ضرورت محسوس ٿي. اڳتي هلي عالمن ۽ فقيهن حديثن جا وڏا وڏا ڪتاب ۽ انهن جون تشريحون لکيون. عالمن حديث جا مختلف قسم به بيان ڪيا آهن.
حديث متواتر: اها حديث جنهن جا راوي گهڻا هجن، جيڪي ڪوڙ جي عادت کان پري هجن، جن جي سَند منڍ کان آخر تائين سگهاري هجي، بيان ٿيل حديث حِسن سان تعلق رکندي هجي (مطلب ته اهي مڪمل عقل ۽ هوش حواس سان هجن) ۽ انهن جي اُها حديث يا خبر يقين کي فائدي ۽ علم واري هجي.
حديث مرسل: مرسل حديث اُها آهي، جنهن جي سَند جي پُڄاڻي ڪنهن تابعيءَ کان اڳتي نه هجي.
حديث مرفوع: اها حديث جنهنجي سَند جو سلسلو حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم تائين پهچي، مرفوع حديث جا ڇهه ٻيا به قسم آهن: (1) مرفوع قولي صريحي (2) مرفوع فعلي صريحي (3) مرفوع تقريري صريحي
(4) مرفوع قولي حڪمي (5) مرفوع فعلي حڪمي (6) مرفوع تقريري حڪمي.
حديث موقوف: ڪنهن حديث جي سَند جو سلسلو اصحابه تائين پهچي ختم ٿي وڃي ته اها حديث موقوف چئبي.
حديث مقلوب المتن: اها حديث، جنهن جو متن پهچندي تاخير ٿي وئي هجي.
حديث مقطوع: جنهن حديث سَند جو سلسلو تابعين يا تبع تابعين تائين پهچي ختم ٿي وڃي ته اها حديث مقطوع چئبي.
حديث متروڪ: جنهن حديث جي راويءَ تي ڪوڙ جي تهمت لڳي ان جي بيان ڪيل حديث متروڪ حديث ليکبي.
حديث مرسل خفي: هم عصر غير ملاقي ماڻهوءَ (پنهنجي وقت جي اُن محدث سان روبرو ملي حديث پڇڻ کان سواءِ ان جي نالي ڪنهن ٻئي گمنام ماڻهو) کان روايت ڪيل حديث کي مرسل مخفي چيو وڃي ٿو.
حديث احاد: اُها حديث جنهن جا راوي ايترا گهڻا نه هجن، جيترا حديث متواتر جا هجن.
حديث حسن: هيءَ حديث احاد مقبول جو قسم آهي. يعني اُها حديث جيڪا حديث صحيح وانگر هجي پر ان جي راوين جو درجو يادگيريءَ جي مقابلي ۾ صحيح حديث جي راوين کان گهٽ هجي.
حديث شاذ: حديث شاذ مان مراد اهڙي راويءَ کان بيان ٿيل حديث آهي، جيڪو پاڻ کان وڌيڪ ثقه/اعتماد جوڳي روايءَ جي مخالفت ڪري.
حديث صحيح: هي حديث احاد مقبول جو هڪ قسم آهي. يعني اُها حديث جنهن کي پرهيزگارن، ديندارن ۽ چڱيءَ ريت ياد ڪندڙن هر دور ۾ روايت ڪيو آهي.
حديث صعيف: اها حديث جنهنجي راويءَ ۾ ضعف (ڪمزوري) هجي، يعني حافظي جي ڪمزوري، فسق (گناهه)، جهالت، غيبت ۽ بدعت وغيره جي ڪمزوري.
حديث عزيز: اُها حديث، جنهن کي هر دور ۾ ٻن راوين روايت ڪيو هجي. هيءَ حديث به ’احاد‘ جو هڪ قسم آهي.
حديث غريب: اها حديث جنهن جو راوي هر دور ۾ هڪ ئي هجي ۽ هيءَ حديث به ’احاد‘ جو هڪ قسم آهي.
حديث مدلث: اها حديث جنهن جي راوي پنهنجي شيخ کي ڪنهن مصلحت هيٺ ڪڍي ڇڏيو هجي.
حديث مشهور: اها حديث جنهن کي هر دور ۾ ٽن يا ٽن کان وڌيڪ راوين روايت ڪيو هجي. هيءَ حديث پڻ ’احاد‘ جو قسم آهي.
حديث منڪر: اها حديث ضعيف آهي، جنهن جو راوي گهڻي غلطي ڪندڙ غافل يا وهم گمان ۾ مبتلا هجي.
حديث جا ڪتاب: طور طريقي ۽ ترتيب جي لحاظ سان محدثن حديث جي ڪتابن جا 9 قسم بيان ڪيا آهن:
(1) جامع: حديثن جي ڪتاب جو اُهو قسم، جنهن ۾ هر قسم جي مسئلن بابت حديثون درج هجن. هن قسم جي ڪتابن ۾ جامع البخاري ۽ جامع الترمذي اچي وڃن ٿا.
(2) سُنن: حديث جو اُهو ڪتاب، جنهن ۾ رسول پاڪ صه جي حڪمن جون روايتون فقهي ترتيب جي موافق بيان ٿيل هجن. هن قسم جي ڪتابن ۾ سُنن ابي داؤد، سُنن نَسائي، سُنن ابن ماجه اچي وڃن ٿا.
(3) مُسند: حديث جو اُهو ڪتاب، جنهن ۾ صحابه ڪرام جي رُتبي جي لحاظ سان يا الف- ب وار ترتيب سان حديثون بيان ڪيون ويون هجن. حديث جي اهڙن ڪتابن ۾ مُسند امام احمد بن حنبل، مُسند دارمي، مُسند موسيٰ ڪاظم وغيره اچي وڃن ٿا.
(4) معجم: حديث جو اهو ڪتاب، جنهن ۾ حديثن جي جوڙ جڪ ۾ استادن جي ترتيب جو لحاظ رکيو ويو هجي. هن ۾ معجم الطبراني. الڪبير المتوسط الصغير جهڙا حديث جا ڪتاب اچي وڃن ٿا.
(5) مُستدرڪ: اهو ڪتاب، جنهن ۾ ڪنهن ٻئي ڪتاب جي شرطن جي صحت مطابق رهيل حديثن کي پورو ڪيو ويو هجي. جهڙوڪ: مستدرڪ حاڪم علي الصحيحين.
(6) مُستخرج: حديث جو اُهو ڪتاب، جنهن ۾ ڪنهن ٻئي ڪتاب جي اضافي سَنَدن کي الڳ ڪري ترتيب ڏنو ويو هجي. جهڙوڪ: مستخرج ابوبڪر اسماعيلي البخاري، مُستخرج ابو عوانه عليٰ صحيح مسلم وغيره.
(7) جُزعه: حديث جو اهو ڪتاب، جنهن ۾ فقط هڪ مسئلي جون حديثون گڏ ڪري رکيون ويون هجن. جهڙوڪ: جزء القراة بيهقي، جزء رفع يدين بخاري.
(8) مُفرد: حديث جو اُهو ڪتاب جنهن ۾ فقط هڪ راويءَ جون مڪمل حديثون درج ڪيون ويون هجن، جيئن: مفرد ابي بڪر.
(9) اربعين: حديث شريف جو اُهو ڪتاب، جنهن ۾ پاڻ سڳورن جون فرمايل چاليهه حديثون بيان ڪيون ويون هجن.
محدثن (حديث جي عالمن)، حديثن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ روايت ۽ درايت جا اصول ٺاهيا. ته جيئن اهي هر حديث کي ان ئي اصول تي پرکين ته اهي اهڙن صحابين کان روايت ٿيل آهن، جيڪي رسول اڪرمصه سان اڪثر وقت گڏ هوندا هئا ۽ اعتماد جوڳا هئا. محدثن ’درايت‘ جو اصول قائم ڪري ٻڌايو ته هيٺين صورتن ۾ روايت مجروح ٿئي ٿي ۽ اعتبار جوڳي نه ٿي رهي:
(1) جڏهن ڪا حديث عقل ۽ سمجهه جي خلاف هجي. (2) ڪنهن مڃيل اصــول جـي خـلاف هـجـي. (3) محسوسات ۽ مشاهدي جي خلاف هجي. (4) قـرآن مجيـد جـي خـلاف هـجــي. (5) سنت نبويءَ جي خلاف هــجــي. (6) متواتر حديث جي ابتڙ هجي. (7) قطعي ۽ يقيني اجماع سان ٽـڪرائجي. (8) معمولي غلطي جي سزا، ابدي ۽ سخت عذاب جي ڌمڪيءَ تي مشتمل هجي. (9) جنهن مان ڪو خاص مطلب نه نڪري ۽ لغويت جو شڪ وجهندڙ هجي. (10) اُن کي فقط هڪ راوي روايت ڪري. (11) حديث ۾ اهڙيون اجايون ڳالهيون بيان ٿيل هجن، جيڪي حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي زبان مبارڪ مان نڪري نه ٿيون سگهن. (12) اُها انبيآء عليهم السلام جي ڪلام سان مشابهت نه رکندي هجي. (13) ان ۾ مستقبل جي واقعن جي باقاعدي تاريخ ۽ وقت ٻڌائي اڳڪٿي ڪئي وئي هجي. (14) حضرت خضر عليه السلام بابت ڳالهيون. (ماخذ: شاهڪار اسلامي انسائيڪلو پيڊيا).
سنڌ جي سر زمين جي قديم ۽ جديد عالمن، فقيهن ۽ محدثن حديث جي علم جي تمام وڏي خدمت ڪئي آهي ۽ اعليٰ مقام ماڻي سنڌ مُلڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، انهن جو مختصر ذڪر پيش ڪجي ٿو:
(1) علامه محدث احمد بن محمد حافظ زاهد ديبليرحه (وفات: 373 هه) سنڌ جو هڪ وڏو عالم، عابد ۽ صاحبِ تقويٰ شخص هو ۽ مصر تائين پهتو.
(2) علامه محدث شيخ احمد بن سنديرحه. (وفات: 359هه). هي عابد ۽ زاهد بزرگ ڪيترن ناليوارن محققن ۽ محدثن جو استاد هو.
(3) علامه محدث شيخ محمد قاسم سنڌيرحه. هي بزرگ به وڏو محدث ۽ مفسر هو، جنهن کي وقت جا وڏا عالم ۽ بزرگ رئيس المحدثين جي نالي سان ياد ڪندا هئا.
(4) حضرت شيخ ابو عليرحه حضرت بايزيد بُسطاميءَ جو استاد ۽ پير مرشد ليکيو وڃي ٿو.
(5) شيخ ابو موسيٰ ديبليرحه (وفات:261 هه): هي محدث ۽ ڪامل ولي ديبل بندر سنڌ جو رهاڪو ۽ حضرت بايزيد بُسطاميرحه جو شاگرد هو.
(6) علامه ابو مشعر نجيحرحه: هن بزرگ جو نالو نجيح بن عبدالرحمان ۽ ڪنيت ’ابو مشعر‘ هئي. حديث، مغازي ۽ فقه جي علم ۾ وڏي پائي جو عالم هو.
(7) حضرت علامه شيخ عابد سنڌيرحه: هي بزرگ وڏو محدث، عابد زاهد ۽ ڪامل ولي ٿي گذريو آهي، پنهنجي دؤر ۾ مديني منوره جي عالمن جو امام سڏبو هو. هي محدث سيوهڻ سنڌ جو رهاڪو هو.
(8) علامه محدث احمد بن عبدالله ديبليرحه: هي سنڌي محدث، حديث جي ڪتاب ’المستدرڪ حاڪم‘ جي مصنف حضرت امام حاڪم جو استاد هو.
(9) شيخ ابو الحسن سنڌيرحه مدينه منوره ۾ ’دارالشفا‘ نالي سان علمي مرڪز کوليو هو ۽ تدريس ۽ تصنيف ذريعي وڏيون خدمتون سر انجام ڏئي سنڌ ملڪ جو شان ۽ مان وڌايو هو.س
اهڙيءَ ريت شيخ محمد حيات سنڌيرحه، علامه مخدوم محمد هاشم ٺٽويرحه، مولانا بهاء الدين بهائي پتافيرحه۽ موجوده دؤر جا علامه مفتي عبدالرحيم سڪندري ۽ مولانا محمد ادريس ڏاهري به حديث جا وڏا عالم مڃيا وڃن ٿا.


لفظ حديثھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو