حنس

حنس (Cuscus grass) : هيءُ هڪ قسم جو گاهه آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ وارون، سنسڪرت ۾ اپايا، هنديءَ ۾ بالا، گجراتيءَ ۾ والو ۽ بنگالي ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ حنس چيو وڃي ٿو. هن گاهه جي پاڙ خوشبودار ٿيندي آهي. هن گاهه جون ڊگهيون پاڙون وارن وانگر سنهيون ٿينديون آهن. هيءُ گاهه ننڍي کنڊ سميت ويسٽ انڊيز ۽ برازيل ۾ به ٿئي ٿو. هيءُ گاهه خاص طور ملتان ۾ عام جام ٿئي ٿو. حڪيمن موجب هن گاهه جي پاڙ سرد مقوي معده ترياق، حبس ۽ بدن جي سڙڻ لاءِ مفيد آهي. جڏهن ته صفراوي بخار، مٿي جي سور ۽ رت جي بيمارين لاءِ به فائديمند آهي.


لفظ حنسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو