حَبِش

حَبِش: حبش، مصر جي ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ ۽ ڳاڙهي سمنڊ جي آفريڪي سمنڊ سان لڳو لڳ هڪ صوبو آهي، جيڪو 1830ع کان اڳ عثمانيه سلطنت جي قبضي ۾ هو، جنهن کي عثماني حاڪم آفريڪي حصي سان گڏي مصر جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. سنڌ سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ آفريڪي ‘حبشي’ گهڻو ڪري ‘حَبِش’ جي علائقي مان غلام بنائي آندا ويا هئا. عربي ٻوليءَ ۾ ‘حبش’ جو اصطلاح اتي جي باشندن توڙي ملڪ، ٻنهي لاءِ ڪتب ايندو هو، جيتوڻيڪ ‘حبش’ ۾ هميشه عيسائين جي اڪثريت رهي آهي. ان هوندي به اتي مسلم آبادي به ڪافي تعداد ۾ رهي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو