حَنبلي

حَنبلي: اسلام ۾ اهل سنت سان واسطو رکندڙ فقهي گروهه، جنهن جو باني امام احمد بن حنبلرحه (جنم: 124 هه/ 780ع، وفات: 241 هه/ 951ع ) آهي. امام احمد بن حنبل جي لکڻين جو بنياد گھڻو ڪري قرآن پاڪ ۽ حديثن تي آهي. هيءُ حديث ۽ سنت جو پيروڪار هو. اسلام جي وچئين دور ۾ هن فرقي جي پوئلڳن جو تعداد ڪافي گھڻو هو ۽ شام توڙي فلسطين جي علائقن ۾ سندس ڪافي زور هو. ابن تميمه به هن فقيهه سان عقيدت رکندو هو. ترڪيءَ ۾ خلافتِ عثمانيه کان پهرين ٻين فقهن جي پوئلڳن سان گڏ حنبلي فقھ مان به قاضي مقرر ڪيا ويندا هئا. خلافت عثمانيه کان پوءِ ترڪيءَ ۾ هن فقھ مان قاضي مقرر ڪرڻ جو سلسلو ختم ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو