حڪمت2

حڪمت (رسالو): ماهوار رسالو ’حڪمت‘، امرت ڦل دوا خاني، ڪندن لال ڪپور جي ادارت ۾، مارچ 1937ع کان جاري ٿيو. هن رسالي جو سب ايڊيٽر الهنواز سومرو هو. چاليهن صفحن تي مشتمل هي رسالو، نيشنل پرنٽنگ پريس، هاٿيدر، شڪارپور مان ڇپبو هو. هن رسالي ۾ طبي موضوعن تي مواد ڇپبو هو. رسالي جا ’عورت نمبر‘، ’مرد نمبر‘ ۽ ’ٻار نمبر‘ ڏاڍا مقبول ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو