حڪومت

حڪومت: حڪومت هڪ منظم جماعت کي چئبو آهي، جنهن جي ذريعي سياسي قيادت پنهنجا اختيارات هلائي ٿي، جيڪا ماڻهن جي عملن ۽ سرگرمين کي هڪ صحيح رخ ڏيئي، انهن کي هڪ ضابطي ۾ آڻي مضبوط انتظاميا قائم ڪري ٿي. ڪيترين ئي تعليمي، مذهبي ۽ واپاري جماعتن کي هلائڻ ۾ اعليٰ منتظمين، جون جماعتن Board of Directors مئنيجرن ۽ گورنرن جو ڪردار هوندو آهي، جنهن کي اسين گڏي ڪري، انتظاميا يعني Administration چوندا آهيون.
حڪومت جا ڪيترائي قسم آهن. جهڙوڪ: ’جمهوري حڪومت‘ (Domocracy) سڀني حڪومتي نظامن کان بهتر سمجهي وڃي ٿي. هن نظام ۾ عام ماڻهن جي راءِ کي ئي اهميت هوندي آهي. سڀ کان وڌيڪ ناپسند ڪئي ويندڙ حڪومتي نظام کي (Dictatorship) چيو وڃي ٿو. هيءُ هڪ آمراڻو نظام آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جون واڳون ۽ اختيار هڪ آمر جي هٿ ۾ هونديون آهن.
انهن سڀني حڪومتي نظامن کان علاوه به ڪجهه حڪومتي نظام آهن. مثلاً: Monocracy- بادشاهت، يعني هڪ شخص جي اختيار هيٺ هلندڙ نظام. (Oligarchy) هن حڪومت جي نظام ۾ سڄي حڪومت چند ماڻهن جي هٿ ۾ هوندي آهي. (Plutocracy) هن نظام ۾ وري شاهوڪار طبقي جا ماڻهو حڪومت هلائيندا آهن. Theocracy حڪومت جي نظام ۾ سڄي طاقت ۽ اختيار مذهبي طبقي جي ماڻهن وٽ هوندا آهن.
جڏهن انسان غارن ۾ رهندو هو، شڪار ڪندو هو ۽ ننڍي پيماني تي مختلف سرگرمين ۾ حصو وٺندو هو تڏهن انسان ننڍن ننڍن ڪميونٽين ۾ رهڻ شروع ڪيو. ان کان سواءِ زراعت ۾ ترقيءَ ۽ وڌندڙ آباديءَ انسان کي رياست، قانون ۽ حڪومت ٺاهڻ تي مجبور ڪيو. حڪومت جو اصل مقصد عام راءِ جي حفاظت ڪري هڪ امن پسند معاشرو قائم ڪرڻ آهي. حڪومت جو مقصد عوام جي سماجي، سياسي، اقتصادي، مذهبي تقاضائن کي هڪ صحيح رخ ڏيئي انصاف ڪرڻ آهي. معاشري ۾ انتشار، لاقانونيت، بچاءَ ۽ بدامني کي روڪڻ لاءِ فوج رکڻ به حڪومت جي ذميواري آهي ته جيئن معاشري ۾ امن قائم ڪري سگهجي. مطلب ته هڪ ترقي يافته ۽ منظم ملڪ يا معاشري جو خواب ايستائين اڌورو آهي جيستائين ان جي حڪومت جو ڍانچو فعال ۽ مضبوط نه آهي.


لفظ حڪومتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو