خبازي

خبازي

خبازي

خبازي (Common Mallow Chees Flower): هن ٻوٽي جو نباتاتي نالو Malva Sylve Stirs آهي. هن کي سنڌيءَ ۾ پَٽ تِرُ ۽ فارسيءَ ۾ خطمي ڪرچڪ چوندا آهن. هيءُ ٻوٽو هڪ ميٽر ڊگهو ٿيندو آهي، جنهن جا پن گول ڊگها نرم ٿيندا آهن، هن جي پنن جو ساڳ ٺاهي کاڌو ويندو آهي، هن جا گل واڱڻائي ڳاڙها ۽ پاڙ هيڊي هوندي آهي. هي ٻوٽو ڪشمير، سنڌ، پنجاب، حيدرآباد دکن ۽ هريانا ۾ ڪثرت سان ٿئي ٿو. حڪيمن پاران هن جا ٻج نزلي، زڪام، کنگهه ۽ حلق جي خشڪيءَ لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا. هن جي پنن ۾ وٽامن سي ڪثرت سان هوندو آهي، ٻهراڙيءَ جا ماڻهو هن جا پن ڪچا کائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو