ختمو

ختمو: ختمو عربي لفظ خَتَم مان نڪتل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، جامع سنڌي لغات ۾ هن لفظ جي معنيٰ هن ريت ڏني آهي:
’مري ويلن جي روحن کي بخشش واسطي پڙهايل قرآن شريف‘. لاڏاڻو ڪندڙ ماڻهوءَ کي ٽيجهي، ٻارس (ٻارهين ڏينهن)، ايڪيهي، چاليهي يا ٻارهي تي ختمو ڏياربو آهي، جنهن ۾ قرآن شريف پڙهي، مري ويل کي ثواب بخشائبو آهي. ٽيجهي تي ختمي جي ماني ٿيندي آهي، جيڪا تڏو کڻڻ بعد ڪبي آهي. اهڙيءَ ريت چاليهي يا ٻارهي تي به قرآن شريف جو ختمو ڪڍي ماني/ خيرات ڪبي آهي. ڪي ماڻهو پورو قرآن شريف پڙهي، ختمو ڏيارين، ته ڪي سورة فاتحه ۽ سورة اخلاص جي تلاوت، درود پاڪ پڙهي ختمو ڏياريندا آهن. ان ۾ نه رڳو عزيزن رشتيدارن، بلڪ دنيا مان رحلت ڪري ويل سمورن مسلمان مردن توڙي عورتن جي روحن کي ثواب بخشڻ لاءِ ختمو ڏياربو آهي.
اهل تشيع وارا قرآن خوانيءَ سان گڏ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ مجلسون منعقد ڪرائي، فوت ٿيل لاءِ بخشش جون دعائون گهرندا آهن. ان کان علاوه رمضان شريف ۾ تراويح نمازن ۾ قرآن پاڪ جي تلاوت مڪمل ڪري ’ختم القرآن‘ جي تقريب ڪئي ويندي آهي. جڏهن ته گهرن ۾ ماڻهو خير ۽ برڪت لاءِ سيپارو پڙهي قرآن پاڪ جو ختمو ڪڍندا آهن.
ختمو نه رڳو فوت ٿي ويلن جي بخشش لاءِ ٿيندو آهي، بلڪ عام زندگيءَ ۾ خير ۽ برڪت لاءِ يا وري ڪنهن بيمار جي صحتيابيءَ لاءِ صدقي طور به ختم شريف/ قرآن خوانيءَ جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. ان کان سواءِ ولين، بزرگن ۽ نيڪ ٻانهن کي به ختمو ڏياربو آهي.
سـڄـي قـرآن پـاڪ کـي تـسلسل سان گڏ شروع کان آخر تائين پڙهڻ بعد هڪ رسم ادا ڪئي ويندي آهي، جنهن کي ’ختم القرآن‘ چوندا آهن رمضان شريف ۾ تراويحن ۾، مسجدن ۾ پورو قرآن پڙهيو ويندو آهي. ڪن مسجدن ۾ هڪ ئي رات ۾ قرآن پاڪ ختم ڪيو ويندو آهي، جنهن کي ختم القرآن يا ’شبينو‘ چوندا آهن.


لفظ ختموھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو