خضدار

خضدار: خضدار بلوچستان صوبي ۾ قلات ڊويزن جو هڪ ضلعو ۽ شهر آهي. خضدار جي اتر ۾ ضلعو قلات، ڏکڻ ۾ ضلعو لسٻيلو ۽ ضلعو گوادر واقع آهن. خصدار جي اوڀر ۾ دادو، اولهه ۾ ضلعو قلات، ضلعو خاران، ضلعو پنجگور ۽ ضلعو تربت آهن. هيءُ ضلعو گهڻي ڀاڱي جابلو علائقو آهي. ضلعي جي اوڀر ۾ کيرٿر ۽ پٻ جبلن جا سلسلا آهن. هن ضلعي جون مشهور نئيون ڪولاچي، پورالي، نالِي ۽ بينگوال آهن. هتي جا ماڻهو نهايت جفاڪش ۽ محنتي آهن. جانور پالڻ، ٻني ٻارو ڪرڻ ۽ ننڍو وڏو ڪاروبار سندن گذرسفر جا اهم ذريعا آهن. ربيع (چيٽ) جي موسم ۾ ڪڻڪ، بصر، مٽر، ٿوم ۽ خريف (ڪتيءَ) جي موسم ۾ چانور، کجور، مڱ، جوئر ۽ ماش پوکيندا آهن. لذيذ ميوا، انگور، بادام، صوف، ڇانهيون، ناسپاتيون ۽ ڏاڙهون هتي جام ٿيندا آهن. هيءُ علائقو قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي. هتي بيرائيٽ، مينگنا سائيٽ، ڪرومائيٽ ۽ ٻين ڪيترين معدنيات جا ذخيرا موجود آهن. هتي خشڪ موسم جي ڪري، آبپاشيءَ جي لاءِ ٽيوب ويلن ۽ ڪاريزن تي گهڻو انحصار ڪيو وڃي ٿو. خضدار جي تاريخي ۽ جاگرافيائي حوالي سان وڏي اهميت آهي. خضدار بلوچستان صوبي جو ٻيو نمبر وڏو ضلعو ۽ شهر آهي، ان کان سواءِ قلات ڊويزن جو هيڊڪوارٽر به آهي. خضدار، ملڪ جي آر. سي. ڊي قومي شاهراهه تي ڪراچي ۽ ڪوئيٽا جي وچ تي آباد آهي. خضدار چار سو سال قبل مسيح ۾ آباد ٿيو. هن جو اصل نالو توران آهي، جنهن جي معنيٰ ’ڪپهه پيدا ڪرڻ وارو شهر‘ آهي. خضدار ڪپهه پيدا ڪرڻ ۾ مشهور آهي. خضدار ۾ ٻن اصحابه ڪرام جون مزارون چيون وڃن ٿيون. خضدار جهالاوان جي نالي سان به مشهور آهي، جنهن جي معنيٰ مهمان نوازي آهي. خضدار جي آبادي نو لک جي لڳ ڀڳ آهي ۽ پنجن تعلقن: خضدار، وڍ، نال، زهري ۽ ڪرخ تي مشتمل آهي. خضدار سردين ۾ سرد ۽ گرمين ۾ گرم آهي. خضدار ۾ اڪثر ماڻهو براهوي زبان ڳالهائين ٿا، پر هتان جي مادري ٻولي بلوچي آهي. سنڌ ويجهو هئڻ سبب هتان جي ماڻهن جي سنڌ سان وابستگي ۽ اچڻ وڃڻ رهي ٿو. خضدار ۽ دادوءَ جي بارڊر گڏيل آهن. رقبي جي لحاظ کان خضدار ملڪ جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي. بلوچستان جا اڪثر وڏا سردار هتي رهن ٿا، جن ۾: سردار عطاءُ الله مينگل، سردار نصر الله ساسولي، سردار اسلم بزنجو ۽ ٻيا شامل آهن. سياسي حوالي کان پونم جي اڳوڻي سربراهه سردار عطاءُ الله مينگل، مير غوث بخش بزنجي، سردار ثناءُ الله زهريءَ، مير حاصل بزنجي، مير اسرار زهريءَ ۽ سردار اختر جان مينگل جو تعلق خضدار سان آهي.
خضدار جي تاريخ هزارين سال پراڻي آهي، مهر ڳڙهه جا قديم آثار ٻڌائين ٿا ته خضدار پٿر ۽ ٽامي واري دور ۾ به آباد هو. سنڌو تهذيب جا ڪيترائي ماڳ هتي ملن ٿا، جن جو تفصيلي ذڪربلوچستان جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري‘ ڪتاب ۾ موجود آهي.
24هه/ 644ع ۾ حضرت عمررضه جي دؤر ۾ بلوچن اسلام قبول ڪيو. ان کان سواءِ هيءُ علائقو امير معاويه، ناصر الدين، التمش، قباچه، سبڪتگين ۽ خليفي منصور جي ماتحت به رهيو آهي. قديم فارسي ادب ۾ خضدار جو ذڪر تمام گهڻو ملي ٿو. فارسيءَ جي مشهور شاعره رابعا خضدار جا شعر به خضدار جي تذڪرن ۾ موجود آهن، جنهن جي مزار خضدار شهر جي هڪ ننڍي پهاڙيءَ تي آهي. شهر ۾ موجود ’خضدار قلعو‘ به ماضيءَ جو اهم يادگار آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچسنڌي موسيقيءَ جي تاريخ‘ ۾ سر ڪوهياريءَ تي بحث ڪندي لکيو آهي ته رسالي ۾ سسئيءَ جو ’سُر ڪوهياري‘، خضدار (ڪوهستان) واري ايراضيءَ جي مقامي ۽ آڳاٽي موسيقيءَ جو يادگار آهي. هن جي خيال ۾ ڪوهيار لفظ خضدار مان ورتو ويو آهي. خضدار شهر، ڪراچيءَ کان 240 ميلن ۽ ڪوئيٽا کان 200 ميلن جي فاصلي تي واقع آهي. شهر جي ڪل ايراضي 20 اسڪوائر ڪلوميٽر آهي ۽ سرڪاري دفترن جو علائقو سول لائينز جي نالي سان مشهور آهي. هتي ريڊيو اسٽيشن، ايئرپورٽ، ٽيليفون ايڪسچينج، وائرليس ۽ ٽيلي پرنٽر جون سهولتون موجود آهن. هتي موسميات کاتي جو دفتر پڻ آهي. ان کان سواءِ دبئي حڪومت جي تعاون سان تعمير ٿيل خوبصورت جامع مسجد به آهي. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ الڳ ڪاليج، هاءِ اسڪول، ماڊل پبلڪ اسڪول ۽ هڪ انجنيئرنگ ڪاليج پڻ آهي. هتي براهوي زبان ۾ هڪ هفتيوار ’ايلم‘ نالي رسالو به نڪري ٿو.


لفظ خضدارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو