خط(ڪتاب)

خط(ڪتاب)

خط3

خط (ڪتاب): هيءُ ڪتاب، نامور مصور ع. ق. شيخ پاران پنهنجي دوستن کي لکيل خطن تي مشتمل آهي، جنهن کي سندس نياڻيءَ پروفيسر
نجمه شيخ سهيڙيو آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل لي آئوٽ طارق عالم ابڙي تيار ڪيو آهي. ڪتاب ۾ ع. ق. شيخ بابت تاثرات سندس نياڻيءَ نسيم شيخ لکيا آهن. هن مجموعي ۾ ع. ق. شيخ جا محمد ابراهيم جويي ڏانهن سڀ کان وڌيڪ خط شامل آهن، جيڪي ڪتاب جي صفحي 9 کان 104 تائين ڏنا ويا آهن. ان کان سواءِ عبدالفتاح هاليپوٽي ڏانهن صفحي 165 کان 237 تائين ۽ مرزا مراد علي ’اختر‘ ڏانهن صفحي 239 کان 274 تائين انگريزيءَ ۾ خط لکيل آهن. هيءُ ڊيمي سائيز جي 272 صفحن تي مشتمل ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ 2010ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، هن ڪتاب جي قيمت 185 رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو