خوشاب

خوشاب

خوشاب

خوشاب: خوشاب پنجاب جي سرگوڌا ڊويزن جو هڪ ضلعو ۽ مشهور شهر آهي. شروع ۾ خوشاب تعلقو هو، جنهن کي پهرين جولاءِ 1982ع تي ضلعي جو درجو ڏنو ويو. هن ضلعي جي اتر ۾ ساڄي طرف ضلعو جهلم ۽ کاٻي طرف ضلعو اٽڪ آهي. درياهه جي پرئين پاسي سرگوڌا ضلعو اٿس، ڏکڻ ۾ ضلعو جهنگ ۽ اولهه ۾ ميانوالي ۽ ڀڪر ضلعا آهن. خوشاب ضلعي جي زميني سطح هڪ جهڙي نه آهي. ڪٿي جبل، ڪٿي ريگستان ۽ ڪٿي ميداني علائقا آهن. ضلعي جي اتر ۾ ’لوڻ جو جبل‘ آهي. ان سلسلي جو سڀ کان وڏو جبل سڪسير به هتي آهي. هن علائقي ۾ مشهور وادي سون به آهي. هن ضلعي جي ايراضي 6532 چورس ڪلوميٽر آهي. خوشاب، مٺاٽوانه، هڊالي، جوهر آباد، نوشهره ۽ نورپور هن ضلعي جا اهم شهر آهن. صنعتي لحاظ کان هتي شگر ملون ۽ ڪپڙي سميت ٻين شين جا ڪارخانا آهن.
خوشاب شهر سرگوڌا ميانوالي روڊ تي سرگوڌا کان 31 ميلن جي پنڌ تي واقع آهي. ڪافي قديم آهي. جهلم درياهه جي ٻوڏن ۾ تباهه ٿيڻ بعد بابر شاهه هن شهر کي ٻيهر تعمير ڪرايو هو ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ هڪ ديوار ۽ 11 دروازا ٺهرايا هئائين. بابر پنهنجي هڪ سردار شاهه حسين کي خوشاب جو حاڪم مقرر ڪيو. جڏهن امير علي بيگ هندستان فتح ڪيو ته ڀيره، خوشاب ۽ چنيوٽ جا علائقا سندس اولاد جي قبضي ۾ آيا. چيو وڃي ٿو ته شير شاهه سوري جڏهن همايون جي تاڙ ۾ لاهور کان پنهنجي فوج سان گڏ ريگستان پار ڪري هتي پهتو هو ته اُڃ ۾ بيحال سندس فوجين کي جهلم نديءَ جو صاف ۽ شفاف پاڻي پيئڻ لاءِ نصيب ٿيو. بهترين پاڻي پي شير شاهه سوريءَ جي زبان مان بي اختيار نڪتو:
’خوش آب‘ (بهترين پاڻيان بعد هن شهر جو نالو ’خوش آب‘ پئجي ويو، جيڪو اڳتي هلي ’خوشاب‘ بڻجي ويو. شير شاهه سوريءَ هتي هڪ سراءِ، تلاءُ ۽ جامع مسجد تعمير ڪرائي. شهر جي چؤطرف هڪ ديوار به ٺاهي وئي، جنهن کي ڪيترا ئي دروازا هئا، جن مان صرف هڪ ’جناح گيٽ‘ جي جديد نالي سان محفوظ آهي. هتي سيد احمد شاهه ۽ سيد محمود شاهه جون مزارون آهن، جيڪي شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جي اولاد مان هئا. خوشاب جون لويون، گهڙا، گهگهيون، قالين ۽ کيس مشهور آهن. هتي يوناني ميڊيڪل ڪاليج، ڊگري ڪاليج ۽ هاءِ اسڪول سميت ننڍا وڏا سرڪاري ۽ غير سرڪاري تعليمي ادارا آهن.


لفظ خوشابھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.07.01  عيسوي

خوشاب پنجاب جي سرگوڌا ڊويزن جو هڪ ضلعو ۽ مشهور شهر آهي. شروع ۾ خوشاب تعلقو هو، جنهن کي پهرين جولاءِ 1982ع تي ضلعي جو درجو ڏنو ويو.



شهر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خدا آباد (ثاني)
بارسلونا
دهلي
خدا آباد 3
پاٽ
ڇاڇرو 3
ڄام شورو
پنو عاقل
ٽنڊوڇاڱاڻي
ڀيلاڻي
شهر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون