خير محمد نظاماڻي

خير محمد نظاماڻي: ناليواري اديب ۽ صحافي، خير محمد نظاماڻيءَ، 1908ع ڌاري ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. چوڏهن سالن جي عمر ۾ سياسي ۽ سماجي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. 1923ع ۾ حڪومت مخالف تحريڪن ۾ حصو وٺڻ سبب گرفتار ٿيو ۽ قيد ڪاٽيائين. ان کان پوءِ به ڪيترا دفعا جيل ويو. 1930ع ۾ ڪراچيءَ مان روزاني اخبار ’ڪاروان‘ جاري ڪيائين، جنهن ۾ مسلم ليگ جون خبرون نمايان طور ڇاپيندو، مسلم ليگ جي پاليسين ۽ سرگرمين جي تشهير ڪندو ۽ ان جي حق ۾ مضمون شايع ڪندو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ روزنامه ’مهراڻ‘ جو ايڊيٽر رهيو. مسلم ليگ جي پاليسين سان اختلاف ٿيڻ ڪري جماعت اسلاميءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين. جماعت جي اخبار ’خادم وطن‘ جو ايڊيٽر ٿيو. ’الوحيد‘ جي ٻيهر شروع ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه وقت اُن جو ايڊيٽر به رهيو. هن 13 ڊسمبر 1985ع تي وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه بدين ۾ آهي.


لفظ خير محمد نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1985.12.13  عيسوي

خير محمد نظاماڻي 13 ڊسمبر 1985ع تي وفات ڪئي ۽ سندس آخري آرامگاهه بدين ۾ آهي.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ضمير نيازي
جان محمد مھر
حسام سومرو
خانزادو سميع الوري
توفيق علي منگي
طارق عزيز شيخ
شوداساڻي جيرامداس
امام علي ڏيٿو
ارشاد مستوئي
علي رضا سهتو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون