دائرو

دائرو: ’دائرو‘ يا حلقو، سبق پڙهڻ وقت، شاگردن جي ويهڻ جي گولائين ترتيب واري حاطي کي چئبو آهي. اونهاري ۾ صبح جو سوير ۽ سياري ۾ ڪافي دير تائين مڪتبن ۾ پڙهائي کليل حاطي ۾ ٿيندي هئي، ان ڪري ان کي ’دائرو‘ سڏيو ويندو هو. اڳوڻي تعليمي نظام ۾ کٿاب، مڪتب ۽ دائرا ٻارن کي ديني تعليم ڏيڻ جا مرڪز هوندا هئا. اڄ به پاڪستان جي ڪن اترين علائقن ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ جتي درسگاهن جون عمارتون نه آهن، اتي دائري جي ترتيب سان ٻارن کي ويهاري تعليم ڏني وڃي ٿي. دائرو هڪ تاريخي ماڳ به هو، جتي جا رهندڙ ميران محمد جونپوريءَ جي تعليمات کان متاثر هئا ۽ ان کي پنهنجو پيشوا سمجھندا هئا. ڪلهوڙن جي تحريڪ ميانوال جي حوالي سان به ڪاڇي ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڪي دائره آباد هئا.


لفظ دائروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو