دائي

دائي: دائي، سنڌي، پشتو ۽ ڪشميري ٻولين ۾ ٻار ڄڻائڻ واري عورت کي سڏيو وڃي ٿو. دائيءَ کي پنجابيءَ ۾ جنائي ۽ اردوءَ ۾ دايه سڏين ٿا. دائيءَ جون خدمتون عورت جي حمل جي پهرين مهيني کان ئي شروع ٿي وڃن ٿيون ۽ ٻار ڄڻائڻ، سندس دوا درمل ۽ تيماداريءَ تائين دائي پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿي. امير گھراڻن ۾ ته ٻار کي کير پيارڻ ۽ سندس سار سنڀال لاءِ به دائي رکي ڏني ويندي آهي. مغل دؤر ۾ شاهي گهراڻي جي ٻارن لاءِ ’کلائي‘ رکندا هئا، جنهن کي انگه به چيو ويندو هو. تاريخ هند ۾ اڪبر بادشاهه جي دائي ماهم انگه جو ذڪر اچي ٿو، جنهن بادشاهت جي ابتدائي دؤر ۾ سياست ۾ وڌ کان وڌ حصو ورتو. انساني تاريخ جيتري قديم آهي، دائيءَ جو ڪردار به اوترو ئي قديم آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام کان اٽڪل ٻه هزار سال اڳ بابل (عراق) جو بادشاهه حمورابيءَ هڪ قانون لاڳو ڪيو، اهو قانون حمورابيءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. ان قانون ۾ به دائيءَ جي ذميوارين بابت لکيل آهي ته ڪو به شخص پنهنجو ٻار دائيءَ جي سپرد ڪري ۽ جي اهو ٻار دائيءَ وٽ وفات ڪري وڃي ته دائيءَ جو ٻار پاڻ وٽ رکبو. ان لاءِ ان دائيءَ جي سزا هئي ته ان جون ڇاتيون ڪپيون وڃن. ڪوٽيله چاڻڪيا، پنهنجي مشهور ڪتاب ’ارٿ شاستر‘ ۾ لکيو آهي ته، محلات ۾ دائيءَ طور انهيءَ طوائف کي رکيو وڃي، جيڪا جوانيءَ کان موٽ کاڌل هجي. سندس حسن موڪلائي ويو هجي. يوناني تهذيب جي عروج واري دؤر ۾ دائپي واري پيشي کي وڏو احترام حاصل هو. روايت آهي ته سقراط جي ماءُ به دائي هئي. مغل تاريخ ۾ مغل بادشاهه اڪبر جي ماءُ حميده بيگم هئي، پر کيس ماهم آنگه دائيءَ کير پياريو هو، ان ڪري ان جي عزت به ماءُ جيتري ئي ڪندو هو، جڏهن ماهم آنگه گذاري وئي ته هو زارو زار رنو هو. هن دائيءَ ۽ سندس پٽ جي قبرن مٿان،دهليءَ ۾ حضرت بختيار ڪاڪيءَ جي مزار جي احاطي ۾ مقبرو به جوڙايو. سنڌ جي ڳوٺن ۾ جڏهن عورت کي پهريون ڀيرو حمل ٿيندو آهي ته دائي ئي ان جون ڪيفيتون ۽ وصفون ڏسي تصديق ڪندي آهي. اڄڪلهه جيتوڻيڪ ليڊي ڊاڪٽرياڻيون ۽ نرسون هر هنڌ موجود آهن، پر تنهن هوندي به ڳوٺن ۾ پهرين دائي عورت کي چڪاسي ويم جو وقت يا ٻار جي صورتحال ٻڌائيندي آهي ۽ ٻار جي ڄمڻ کانپوءِ چاليهن ڏينهن تائين عورت ۽ ٻار جي آڍمک (سار سنڀال)، ڪپڙي لٽي ڌوئڻ وغيره جي ذميواري دائي ئي نڀائيندي آهي. دائي، ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا عورت ۽ ٻار جي صحت جي خبرچار لهڻ لاءِ مقرر وقت تي ايندي رهندي آهي. عورت جي کاڌ، خوراڪ يا ٻي ضروري سارسنڀال ۽ صحت تي نظر رکندي آهي. ان عيوض کيس روڪ معاوضو ۽ ڪجهه ڪپڙا لٽا، مٺائيءَ طور ڏنا ويندا آهن. دائيءَ کي معاشري ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو. ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي ولادت بعد دائي بيبي حليمه ئي سندن پرورش ڪئي، جنهنڪري بيبي حليمه جو نالو احترام سان ورتو ويندو آهي.


لفظ دائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو