دانڦل

دانڦل: دانڦل مکڙيءَ وانگر آسماني مائل ڪاري رنگ جو هڪ ڦل آهي، جيڪو ذائقي ۾ تمام ڪڙو ٿيندو آهي. هن کي عربيءَ ۾ ’غافت‘ چئبو آهي. حڪيمن موجب هي ڦل معدي ۽ جگر کي طاقت ڏئي ٿو، پيشاب ۽ پگھر کي جاري ڪري ٿو. هي ڦل ٻرهل ۽ دماغ جي رطوبت سڪائڻ لاءِ مفيد آهي ۽ هن جو ٻورو ڦٽن ۽ ناسورن کي ڇُٽائي ٿو.


لفظ دانڦلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو