درباري

درباري (راڳڻي): درباري، آساوري ٺاٺ جي سمپورن کاڍو راڳڻي آهي. هن راڳڻيءَ جو آلاپ مٺو آهي. گنڌار آروهيءَ ۾ دربل، امروهيءَ ۾ ڌيوت ورج اٿس. هن ۾ نکاد ۽ پنچم جي سنگت رهي ٿي. هن جو گنڌار اندولت آهي، معنيٰ گهڻو جهولائبو آهي. هن کي بلمپت جي لئه ۾ ڳائڻ مناسب آهي. آروهيءَ ۾ گنڌار ڪمزور اٿس. ان لاءِ ڪافيءَ کان الڳ آهي. امروهيءَ ۾ ڌيوت ورج هجڻ ڪري آساوريءَ کان الڳ بيهي ٿي. هي راڳ مسلمانن جي ايجاد آهي.
هن راڳڻيءَ جي خاص تان: ري ري- سا- نا سا- ري ڌا- نِا پِا- ڌا ڌا – نِا سا- ري سا- نا سا- ري- گا گا- ما ري- سا- نِا سا ري- - ڌا نا پا- نا پا- ڌا- نِا- سا- ڌا نِا- سا- آهي. آروهي: نا سا ري ما پا ڌا نا سَا، امروهي: سا ڌا نا پا گا ما ري سا آهي.
هن راڳڻيءَ جو وادي سُر رکب آهي، جڏهن ته سموادي سُر نکاد آهي. هيءَ راڳڻي رات جي ٻئي پهر ۾ ڳائبي آهي.
دربان: چوڪيدار يا در جي ٻاهران بيهي پهرو ڏيندڙ کي دربان چئبو آهي. هن جو سنسڪرت ۾ بنياد ’دوارپال‘ آهي، يعني دروازي جي حفاظت ڪندڙ. جنهن مان ئي بگڙي دربان بڻيو آهي، جيڪو فارسيءَ ۾ در + بان = دربان مڃيو وڃي ٿو. سنڌيءَ جي ناليواري شاعر عبدالغفور مفتون همايوني هن لفظ کي هڪ غزل ۾ استعال ڪيو آهي:
تنهنجي زلف جي بند ڪمند وڌا حيران هزارين مان نه رڳو.
تنهنجي جلوي جمال جي عيشاگري ڪيا، ملَڪ مطيع ۽ وسيع وري،
ڇا جن ملائڪ حور پري ’دربان‘ هزارين مان نه رڳو.
- دربان، مشهور ڪهاڻيڪار حميد سنڌيءَ جي ڪهاڻيءَ جو نالو به آهي. اڄڪلهه وڏين هوٽلن جي دروازن تي مخصوص لباس پهريل دربان، ايندڙ ويندڙ جي آڌرڀاءُ لاءِ بيهاريل هوندا آهن.


لفظ درباريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو