دريـاهه

دريـاهه

دريـاهه

دريـاهه

دريـاهي جابلو مرحلو

دريـاهي جابلو مرحلو

دريـاهه جوميداني مرحلو

دريـاهه جوميداني مرحلو

دريـاهه جو ڊيلٽائي مرحلو

دريـاهه جو ڊيلٽائي مرحلو

دنيا جا ڪجهه مشهور ۽ وڏا درياهه:

دنيا جا ڪجهه مشهور ۽ وڏا درياهه:

دنيا جا ڪجهه مشهور ۽ وڏا درياهه:

دنيا جا ڪجهه مشهور ۽ وڏا درياهه:

درياهي حيات

درياهي حيات

درياهه جي پائڪ

درياهه جي پائڪ

درياهه

دريـاهه (River): دنـيـا جــا سـمـورا دريـاهه، ڌرتـيءَ جـي پاڻيهاري تهه (Hydrosphere) جو هـڪـ اهــم حـصــو ۽ قـدرتـي پـاڻـيءَ جــو ڦـيــرو (Hydrological Cycle) آهن. ان ريت قدرتي پاڻيءَ جو هڪ اهڙو مستقل وهڪرو، يا ندي، جيڪا ڪن ڍنڍن (Lakes)، وڏن جبلن ۽ جبلن تان ڳريل برف (Glaciers) وارو تازو پاڻي کڻي، پنهنجي خاص رستي سان وهندي، ڪنهن سمنڊ، نار (gulf) يا برپٽ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هجي ته ان کي درياهه چئجي ٿو. هر درياهه سان سندس وهڪ واري رستي ۾، ڀرتي ڪندڙ ننڍيون نديون (tribuleries)، نئيون ۽ جهرڻا اچي ملندا آهن. اهڙو ڀريو تريو درياهه (mature river) ننڍين ندين، جابلو نئين (Riverine and Rivulet) کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ واري حيثيت (River Capture) ۾ پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو (course) جوڙي هلي ٿو. پاڻيءَ جو اهو وڏو وهڪرو ٻنهي ڪنڌين (banks) سان هڪ وڏو سيرابي علائقو (Catchment Area) رکندو آهي، جيڪو ان درياهي پاڻيءَ جي اُٿل تي آباد ٿيندو آهي ۽ زرعي اُپت ڏيندو آهي.
دنيا جي سمورن درياهن جي پاڻيءَ جو وجود بارفاني ڇپن/ گليشيئرن جي وگهرڻ ۽ مينهوڳيءَ تي قائم آهي ۽ اهو گليشيئرن جي پاڻيءَ (Glaciers water) جي گهڻائي ۽ سانوڻيءَ جي وسڪارن سبب تار ٿي وهندو آهي. اهڙيءَ ريت اها خاص ندي سدا وهندڙ درياهه (Perennial River) يا دائم درياهه طور ٻاروهي تار وهندو آهي، جن ندين يا درياهن ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي هوندي آهي، اُهي مند(season) تي آڌاريل هجي، اُتي اهي نديون، مندائتي درياهه (Seasonal River) جي حيثيت ۾ سال جا رڳو ڪجهه مهينا ئي وهنديون آهن.
دنيا جا سمورا درياهه پنهنجي لنگهه واري زمين ۾ کاڌ ڪري پنهنجي واٽ جوڙيندي اڳتي وڌندا آهن.
درياهه ۽ درياهه جي مسئلن تي سڄي دنيا ۾ ساراهڻ جوڳو ڪم ٿيو آهي. 1957ع ۾ وولمئن (Wolman) ۽ ليو پولڊ (Leopold) وڪڙ وارن درياهن (Meandering Rivers) ۽ سال 1964ع ۾ پوپووُ (Popove) غير وڪڙ وارن درياهن (Non-meandering Rivers) جي درجابندي ڪئي. سال 1965ع ۾ آبپاشيءَ جي ٻن انجنيئرن: نيونس (Nevins) ۽ سائمنس (Simons)، درياهن جي گُڻن (Characteristics) جي آڌار تي يورپ ۽ دنيا جي درياهي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ اڀياس پيش ڪيو. سال 1968ع ’زميني ورن جي هڪ ڄاڻڪ‘ (Geo-morphologist) درياهن جي جُڙڻ جو هڪ بنيادي اڀياس پيش ڪيو. ان ريت انيڪ سائنسدانن جي کوجنا واري ڪم سبب ’ڪل درياهي نظام‘ (Whole Rivers System) ۽ درياهي گڻن تي آڌاريل درجابنديءَ (Classification of Rivers on the Base of Characteristics) وارو ڪم مڪمل ٿي سامهون آيو.
ويهين صديءَ ۾ ئي وليئم مورس ڊيوس (William Morris Davis) درياهي کاڌ جي ڦيري (Cycle of erosion) جي ترڪيب سان گڏ درياهن جي درجابندي (Classification) سندن عمر جي آڌار تي ڪئي. سندس انهيءَ مفروضي (Hypothesis) تي 1950ع کان 1960ع تائين زميني ورن جي ڄاڻڪن پاران مٿس ڏاڍي تنقيد ٿي، ان هوندي به اڄ ڏينهن تائين سندس ’ڊيوس نظام‘ (Devis System) ڪيترن ئي ليکڪن پنهنجن ڪتابن جي متن (text) ۾ ڏنو آهي، جنهن مطابق درياهن جي درجابندي سندن گڻن (Characteristics) ۽ سندن عمرن جي آڌار تي هن ريت آهي:
الهڙ درياهه (Youthful River): الهڙ درياهه، هڪ اهڙو درياهه آهي، جنهن کي تمام گهڻيون لاهيون چاڙهيون ۽ ٿوريون ڀرتي ڪندڙ نديون (tributaries) هجن ٿيون، ان جي پاڻيءَ جو وهڪرو گهڻو کاڌ ڪندڙ ۽ گهٽ ويڪر وارو هوندو آهي، جهڙوڪ: آمريڪا جي گڏيل رياستن جو بريزوز درياهه (Brazos River) آهي، جيڪو 1352 ڪلوميٽر/ 840 ميل ڊگهو آهي ۽ ميڪسيڪو نار (Gulf Mexico) ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو.
ڀرپور درياهه (Mature River): ڀرپور درياهه، هڪ اهڙو درياهه جيڪو تمام گهڻيون ڀرتي ڪندڙ نديون رکندو هجي، گهٽ لاهيارو ۽ چاڙهيڪن وارو هجي، هن جي پائڻ واري سگهه گهڻي هجي ۽ آڳاٽي درياهي کاڌ جي ڪري ان جي ويڪرائپ وڌيڪ هجي. هن درياهه جي پاڻيءَ جو اخراج (Discharge) به اعليٰ درجي وارو هجي. جهڙوڪ: گڏيل آمريڪي رياستن جو مسيسيپي درياهه (Mississippi River) ۽ مشرقي يورپ (Eastern Europe) جو ڊينوب درياهه (Danube River) آهي، انهن مان مسيسيپي درياهه جي ڊيگهه 6275 ڪلوميٽر/ 3902 ميل آهي ۽ سيرابي علائقو (Catchment area) اوڻٽيهه لک اسي هزار چورس ڪلوميٽر (2,98000 km2) آهي، جڏهن ته هن درياهه جي پاڻيءَ جو اخراج(discharge) 19600 ڪيوبڪ ميٽر في سيڪنڊ (19,600 m/s2) آهي. هي درياهه ميڪسيڪو نار(Gulf of Mexico) ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو، جڏهن ته ڊينوب درياهه (Danube River) جي ڊيگهه 2888 ڪلوميٽر/ 1795 ميل آهي ۽ ان جو سيرابي علائقو(catchment area) اٺ لک سترهن هزار چورس ڪلوميٽر (8,17000 km2) آهي. هن جي پاڻيءَ جو اخراج 7130 ڪيوبڪ ميٽر في سيڪنڊ آهي. هي درياهه مشرقي يورپ جي ملڪن: رومانيا (Romania)، سلواڪيا (Slovakia)، هنگري (Hungary)، آسٽريا (Austria)، جرمني (Germany) ۽ بلغاريا (Bulgaria) مان لنگهي ’ڪاري سمنڊ‘ (Black Sea) ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو.
جهونو درياهه (Old River): هڪ اهڙو درياهه، جيڪو گهٽ لاهين ۽ چاڙهين وارو ۽ پائڻ جي گهٽ صلاحيت رکندڙ هجي، ترو گهٽ هئڻ جي ڪري وڌيڪ ڪچي جو ميداني علائقو سيراب ڪندو هجي. سنڌو، گنگا ۽ نيل درياهه ان جا مثال آهن.
نو- ورنو درياهه (Rejurented River): نو- ورنو درياهه، هڪ اهڙو درياهه آهي، جنهن جون لاهيون ۽ چاڙهيون، جڙيل تاسرين (Tectonic Plates) جي حرڪت سبب مٿي اُسري ۽ اُڀري آيون هجن، اُن جي خاص درياهي واٽ ۾ مٿيون ۽ هيٺيون وهڪرو گوگڙائون- ميخ دار نموني (Bradshaw Model) وارو هجي ٿو. اهڙي درياهه جو مٿيون ۽ هيٺيون وهڪرو الڳ الڳ صفتون (Characteristics) رکندڙ هجي ٿو. مٿين وهڪري جي انتظامي سرشتي (river regime) ۾ طاقت ۽ ضابطي جو لاڳاپو، لهواري وهڪرو (channel slope)، ان جي گهرائي (depth)، ويڪرائپ (width)، پاڻيءَ جي وهڪ ۽ اخراج (discharge) تي آڌاريل هوندو آهي.
هر درياهه منڍ کان وٺي ڇوڙ تائين پهچندي پهچندي پنهنجي لنگهه واري گس کي زندگيءَ جا انيڪ روپ ڏيندو، انهيءَ علائقي جي جاگرافيائي صورتحال کي بهتر ڪندو، مانڊاڻ جو حياتياتي سرشتو (Ecosystem) به جوڙيندو وڃي ٿو. ان لاءِ هو ٽي مرحلا (stage) طئي ڪري ٿو.
درياهي جابلو مرحلو (Mountain stage of River): هي درياهه جو منڍ ۽ شروعات (source point) آهي، جيڪو برفاني ٽڪر (گليشيئر)، جهرڻو يا ڪا مها ڍنڍ به ٿي سگهي ٿي، جتان درياهه اُسري پنهنجو گس جوڙيندو، جابلو ۽ ميداني علائقي ۾ کاڌ ڪندو، ڪڏهن ميدانن ته ڪڏهن ڪنهن چور لڪ(Gorge) سان کاسوڙا ڏيندو وهندو آهي. هو گس ۾ هوائي وڇوٽيون(wind gaps) ٺاهڻ سان گڏ، نرم مٽي وهائي ڍنڍون، ڍورا، تل ۽ ترايون پڻ جوڙيندو ايندو آهي. اهي سڀ درياهه جي کاڌ ڪرڻ واري عمل جي نتيجي ۾ جڙندا آهن. مٿانهن پٽن يا جابلو ليٽن تان پاڻيءَ هيٺ ميداني علائقي ۾ لهڻ سبب پاڻي ڪرڻ واري ڪونار واري هنڌ ۾ وڏا ڀيرَ ۽ ڀِرون(meanders) پيون ڀِرنديون آهن. اها جڳهه درياهه جي ڪوناري/ ترائيءَ جو لنگهه(Pot Hole) سڏبي آهي. درياهه جابلو علائقي کي ڇڏي جيئن ميداني گس وٺندو آهي، تيئن ان جو پيٽ ويڪرو ٿيندو ويندو آهي. درياهي مٿانهن پٽن واري چاڙهيڪن تان لهندي، ڪٿي ڪٿي آبشار/ درياهي جهرڻا (river fall) ٺاهيندو آهي ۽ گس ۾ ايندڙ پٿرن کي ڪُوري گسائڻ ۽ لسائڻ وارو ڪم به ڪندو ويندو آهي. ان ريت تمام گهڻي لٽ (slit) ۽ ٻيا مادا پاڻ سان نيئي آڻي ميداني علائقي ۾ لٽ جا تهه جوڙيندو ويندو آهي، جيڪا ميداني علائقي کي زرخيزي (fertility) ڏيڻ سان گڏ انهن ميدانن کي مٿڀرو به ڪندي ويندي آهي. ڌرتيءَ جي اُتر قطب وارن درياهن جو وهڪرو سدائين ڏکڻ کان اُتر طرف هوندو آهي ۽ ڏکڻ قطب وارا درياهه سدائين اتر کان ڏکڻ ڏانهن وهندي ’درياهي پيرا‘ (River Traces)/ درياهي چاڙهيڪا (River stairs) پاڻيءَ جي وهڪ جي لاڳيتي تسلسل کي قائم رکندا آهن، ان کي مٿيون وهڪرو (Upstream) چوندا آهن.
درياهه جو ميداني مرحلو (Plain stage of River): درياهي جوڙجڪ ۾، درياهه مٿانهين پٽن ۽ جبلن تان لهندي ترائي واري پٽن ۾ پاڻ سان آندل کاڌ جي لُڙهي آيل سموري ڳري تلڇٽ (bed load) ۾ رائي ۽ لٽ سان وسيع درياهي پيٽ ۽ وڏو ميداني علائقو جوڙڻ سان گڏ، درياهي ڪنڌين کي ڪوري پنهنجو پيٽ به وڌيڪ وسيع ڪندو ويندو آهي. ميداني علائقن ۾ ڪي درياهه وٽ به کائيندا آهن. اهو درياهي موڙ (river band) درياهه جي تک کي وڌائيندو آهي.
درياهه جو ڊيلٽائي مرحلو (Deltic Stage): جتي درياهي وهڪري جو ڇوڙ ٿيندو آهي ۽ اهو سمنڊ يا ڪنهن ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي، اُتي پاڻيءَ جو وهڪرو نهايت آهستي آهستي وهندو آهي. انهيءَ جڳهه تي درياهي پاڻيءَ جي وهڪ کي هيٺيون وهڪرو (down stream) چوندا آهن. اتي گهڻو ڪري زمين جي سطح موزون ۽ درياهه جي بيهڪ سامهون بلڪل هموار هوندي آهي ته پوءِ درياهه ڪيترن ئي ڦاٽن ۾ ورهائجي ٽڪنڊي واري شڪل (r= delta) ۾ وهندو آهي، انهيءَ ٽڪنڊي علائقي کي ڊيلٽائي هنڌ (delta bad) چئجي ٿو. انهن ڦاٽن وچ ۾ قدرتي طور لٽاشا بند ٺهي پوندا آهن. ڪن حالتن ۾ اتي ڌٻڻيون به اُسري اينديون آهن. اهي ڊيلٽائي، هنڌ درياهه جي ڇوڙ واري علائقي جي خاص ايراضيءَ ۾ ٿين ٿا، جيڪي سامونڊي پٽيءَ کي ويجهو هوندا آهن. اهڙي ڊيلٽائي علائقي ۾ زرعي آبادي به اتم درجي جي ٿئي ٿي ۽ انيڪ قسمن جي آبي حيات به اتي واڌ ويجهه ڪري ٿي. اهي ڦاٽ پاڃاريءَ (ox bow) جي شڪل ۾ ڊيلٽا کي جوڙين ٿا، جتي درياهه ۽ سمنڊ جو پاڻي ميلاپ (estuary) ٿئي ٿو. انهن وسيلي درياهي ڇاڙن، ٻيڙين، هوڙن ۽ ننڍن جهازن ۾ سمنڊ تائين اچ وڃ به ٿئي ٿي. انهن ڦاٽن تي ننڍا وڏا بندر به ٺهيل هوندا آهن، انهن کان تمام گهڻو هيٺ ڊيلٽا جي درياهي ڇيڙن ۾ سامونڊي پاسي کان ڪريڪ (weeks) به جڙن ٿا. دنيا ۾ ڪٿي ڪٿي اهي ڊيلٽا گهڻ مُنهاوان (multi mouths) به هوندا آهن. ان ريت اهڙا مرحلا طئي ڪري هڪ درياهه وڃي جڙي ٿو.
دنيا جا ڪجهه مشهور ۽ وڏا درياهه:
دنيا جون قديم تهذيبون به درياهن جي ڪنارن تي ئي اسريون ۽ اوج تي پهتيون. قديم زماني کان تهذيب ۽ تمدن جو ڳانڍاپو ۽ مدار درياهن تي ئي رهيو آهي. هنن وڏن درياهن سان ڌرتيءَ تي موجود زندگيءَ جو وڏو ماحولياتي ۽ حياتياتي نظام جُڙيل آهي. انهن درياهن جي ڪنڌين ۽ سيرابي علائقن ۾ ٻيلا ۽ ٻي وڻڪار پيدا ٿئي ٿي، جنهن سبب ڌرتيءَ جو مينهوڳيءَ وارو ٻيلائي نظام (Tropical Rain Forest system) ۽ سانوڻيءَ جي مُند وارو مانڊاڻ جڙي ٿو.
درياهي حيات (Biotic of River): دنيا جا سمورا درياهه، ڌرتيءَ کي عاليشان زرخيزي عطا ڪن ٿا. درياهه جي ڪچي واري علائقي (Flood Plain) ۾ آبڪلاڻي مند جي پڇاڙيءَ ۾ انيڪ فصل ٿين ٿا، جڏهن ته پڪي واري نهري نظام رکندڙ علائقن ۾ ناڻو ڏيندڙ فصل (Cash crop) جهجهي انداز ۾ ٿين ٿا. درياهن تي نه رڳو ان جي پنهنجي خاص جيوت، پکي، مڇي ۽ ٻيا جانور رهن ٿا، پر هر درياهه تي آبڪلاڻي ۽ ٻين خاص مندن ۾ ڪيترا پرديسي پکي ۽ مڇين جا قسم به اتان خوراڪ حاصل ڪري جيئدان وٺن ٿا ۽ پنهنجي نسلي واڌ ويجهه به ڪن ٿا.
درياهي بند (Dams of River): درياهن جي مٿانهن ماڳن تي جابلو علائقي ۾ بند ٻَڌي، پاڻيءَ جا ذخيرا گڏ ڪيا ويندا آهن، جنهن مان بجلي (electricity) پيدا ڪئي ويندي آهي ۽ اهي واڌو درياهي پاڻيءَ جا ذخيرا، پاڻيءَ جي کوٽ وارن ڏينهن ۾ ملڪ جي نهري نظام کي پاڻي فراهم ڪري، ملڪ ۾ زرعي اپت جي واڌاري جو سبب بڻجن ٿا.
هر درياهه پنهنجي وهڪ واري رستي سان ٽن طريقن جو ورتاءُ ڪري ٿو.
(الف) درياهي کاڌ (Erosion of Water): جتي درياهي منڍ هوندو آهي، درياهه انهيءَ جابلو جوءِ ۽ ميدانن ۾ تمام گهڻي کاڌ ڪري وڏو ۽ گهرو گَس جوڙي ٿو. اهڙي درياهي کاڌ (Erosion of Water) واري عمل کي ’کاڌ/ ڪٽائو وارو عمل‘ چئجي ٿو.
(ب) لٽ ۽ ٻيا مادا نيڻ (Transportation): درياهه جي کاڌ سبب تمام گهڻي گاٺ ٿيندي آهي ۽ هر قسم جا ڳرا ۽ هلڪا مادا درياهي وهڪري ۾ شـامـل ٿـي ويـنـدا آهـن، ان کـي ’مــادا نـيـڻ وارو عـمـل‘ (Transportation) چـئجـي ٿـو.
(ج) درياهه جو لٽاسجڻ (Deposition): اها لٽ ۽ ٻيا مادا درياهي ڪنڌين ۽ خاص طرح سان درياهي ڇوڙ واري مُنهائن (Mouth of Rivers) وارن ميدانن ۾ لٽ جا تهه جوڙيندو رهي ٿو. اها لٽ ان علائقي کي مٿي ڪرڻ سان گڏ، زميني پوکي راهي واري سگهه ۽ گڻ کي بهتر ڪري ۽ زمين کي زرخيز بڻائي ٿي. انهيءَ عمل کي لٽاسجڻ (sedimentation) چئجي ٿو.
آبڪلاڻي واري مند ۾ درياهه جا ڪجهه قدرتي لقاءَ هن ريت آهن:
درياهه جي پائڪ: درياهه ٻوڏ جي ڏينهن ۾ اڪثر ڪنارن کي پائيندو آهي، ان عمل کي ’پائڻ/ پائڪ‘ چئبو آهي. ٻوڏ وارو پاڻي اُٿل کائي ڪچي وارن علائقن ۾ کاڌ ڪري انهن کي ڪوري ويندو آهي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪنڌيون درياهه جي نذر ٿي وينديون آهن. درياهه جي موج ۽ مستيءَ وارن ڏهاڙن ۾ اڪثر وڏا ديوقامت وڻ ۽ مٽيءَ جا وڏا دڙا ۽ ڊٻون درياهي وهڪري ۾ ڪورجي وهي ويندا آهن.
درياهه جي چِڪڻ: درياهه جنهن هنڌ پائيندو آهي، ان جي هيٺئين تهه جي سخت هئڻ سبب مٽيءَ جي چڪڻ ٺهي پوندي آهي. عام طور هونئن ته ڊُسڙ وارا ڪنارا درياهه جي وهڪ ۾ جهٽ پائجي ويندا آهن، پر ڪن هنڌن تي پائجي ويل دُسڙ ۽ ڪچي مٽيءَ وارن ڪنارن جي هيٺئين تهه ۾ زمين سخت ۽ چيڪي هوندي آهي، جيڪا درياهه گهٽ ڪوري سگهندو آهي، اتي تيز وهڪ جي ڪري ’ڪُن‘ جُڙي پوندو آهي، جنهن کي ’ڪُوڙو ڪُن‘ چوندا آهن.
درياهه جو رڙڻ: پڪي ۽ چيڪي مٽيءَ واري هنڌان درياهه جو پاڻي رڙاٽ ڪندو گذرندو آهي، جنهن کي درياهه جو رڙڻ به چوندا آهن.
پڇول: درياهه جي چڪڻ واري هنڌ تي اوڀارو ۽ لهوارو پاڻي ملي ’پڇول‘ ٺاهيندو آهي، پاڻيءَ جو اهو اوڀارو وَٽُ جنهنڪري پاڻي موٽ کائيندو آهي. هن هنڌ تان تارو ماڻهو توڙي ٻيڙيون مشڪل سان لنگهي پار پوندا آهن.
درياهه جي تِکُ: هيءُ آبڪلاڻيءَ واري مند ۾، جڏهن درياهه موج يا روانيءَ ۾ وهندو آهي ته ڪنهن هڪ پاسي لٽ اوراٽيندو ويندو آهي، جنهنڪري اتي پاڻي تانگهو ٿيندو ويندو آهي. ان تانگهائيءَ سبب هونئن ته درياهي وهڪ سڌي سنواٽي ڏسبي آهي، پر ان هنڌ تري ۾ درياهي پاڻي تيز ڌار سان لنگهندو آهي. هن وهڪ جي خبر عام ملاح کي به ناهي پوندي. ڄاڻو ناکئا ئي تانگهه جي وهڪ کي پري کان پرکي وٺندا آهن ۽ نقصان کان خبردار ٿي ويندا آهن. هن قسم جي وهڪ واري هنڌ تي اڪثر ٻيڙين جي ٻڏڻ جو انديشو هوندو آهي. ڌار جي ڌڪ بابت هڪ مشهور چوڻي آهي ته، ”جو تک جي ور چڙهيو، سو مور نه واپس وريو.“
درياهه جي سِير: درياهه جي وچ واري تيز وهڪري کي ’سير‘ چئبو آهي، جتان پاڻي تيزيءَ سان سنڌو ڪري وهندو آهي.
درياهه جو ڪُن: درياهي وهڪري سبب چڪڻ جي هيٺان مٿان ٽڪريل پاڻيءَ جي موٽ تي وٽ ۾ ڪن ٺهندو آهي. ڪن ۾ پاڻي هميشه تيزيءَ سان ڦيراٽيون کائيندو آهي، جنهن سبب ٻيڙين جي اونڌي ٿيڻ خطرو لاحق هوندو آهي.
ڍورو: درياهه جي ڪنهن به قدرتي وهڪري کي، جتان اهو وهڪرو پاڻي ڇڏي هٽي ويو هجي ته ان کي ’ڍورو‘ چئبو آهي.
ان سان گڏوگڏ هيٺيان ٻيا لقاءَ به درياهه سان لاڳاپيل آهن: درياهه جي آر، درياهه جي جهول، درياهي مٿار واري ڌار، درياهه جي موڙي، درياهه جو رنڀڻ، تانگهو پاڻي، ڪسي يا ڪس، دُٻو، درياهه جون وهندڙون، درياهه جي ڪوڀال، درياهه جون چُرون، درياهه جي ڇَر، درياهه جو ڪنب، درياهه جي ليٽ، درياهه جي ريل، درياهه جي ٻڇل، درياهه جو ڪارونڀار، درياهه جي ڀير، درياهي ڀِرون، ٻه درياهي جڙڻ ۽ ٻيا اهڙا آبڪلاڻي مُند وارا درياهي لقاءَ قدرتي عمل جا نظارا آهن.
لطيف سائين درياهه جو ذڪر هيئن ڪيو آهي:
ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اُڀو آهون ڪري،
تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
درياهه تو تي دانهن، ڏيندس ڏينهن قيام جي!
(گنج: راهمون، 2011ع: 144.)
دهشت دَم درياهه ۾، جت ڪڙڪا ڪُن ڪرين،
ٻڇل ٻاندي ٻار ۾، لَهريون لوڏا ڏين،
سَناوَرَ اُت سهميا، سيڻاهيا نه سَنڊين،
جت ويريون واٽ نه ڏين، اُت ساهڙ سير لنگهائيين.
(رسالو: بلوچ، 2009ع: 383)
نڪو سنڌو سير جو، مَپُ نه ملاحن،
(رسالو: بلوچ، 2009ع: 384)


لفظ درياههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو