دلبو

دلبو: شڪار جو هڪ طريقو آهي، جيڪو خاص ڪري آبي پکين لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. شڪاري، بدڪ جي شڪل جهڙو ڪاٺ جو هڪ بوتو مٿي تي پائي هيٺ پاڻيءَ ۾ ڳجھڙو ترندو هلندو آهي ۽ پکي ائين سمجهندو آهي ته هيءُ به ڪو پکي آهي، سو اڏامندو نه آهي. تان جو شڪاري وڃي پکيءَ کي ٽنگن ۾ جھليندو آهي. ان ڪري هن قسم جي شڪار کي ’دلبو‘ چئبو آهي. دلبي جي لغتي معنيٰ دوکو ۽ دولاب آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو به هن شڪار واري طريقي جو مشاهدو هو، جنهن جو ذڪر سندس شاعريءَ ۾ هيٺينءَ ريت ملي ٿو:
دلبو منجهه درياهه، پسي پکي آئيا،
ويچارا ويساهه، آڻي اُت اڙائيا!


لفظ دلبوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو