دلشاد

دلشاد: دلشاد، سما گھراڻي جي حاڪم ڄام نظام الدين جو وزير هو. هي اصل ۾ سمن جي حاڪم جو گھر ڄاول غلام هو، سندس وڏا سما حاڪمن جا خانداني خدمتگار هئا. سچائي ۽ وفاداريءَ جي ڪري حاڪمن وٽ سندس گھڻي عزت هئي. ڄام نظام الدين کيس گھڻي اهميت ڏيندو هو. ۽ مٿس ڀروسو رکندو هو. هو پنهنجي علم، عقل ۽ بهادريءَ جي ڪري وزير مقرر ٿيو. ان وقت بکر ۾ سما حڪومت کي انتظام سنڀالڻ ۾ ڪجهه مشڪلاتون درپيش هيون، جنهنڪري ڄام نظام الدين اهڙين حالتن کي سنڀالڻ لاءِ دلشاد کي ذميواريون ڏيئي بکر ۾ مقرر ڪيو. هن بکر جي اميرن ۽ سردارن کي اعتماد ۾ وٺي سما حڪومت کي مضبوط ڪيو. ماڻهن ۽ ڪامورن سان ملي پنهنجي ڏاهپ ۽ صلاحتن سان حڪومتي انتظام بهتر انداز ۾ هلايو ۽ سما حڪومت کي زور وٺرايو. هن 912هه/1506ع ۾ ڄام نندي جي حڪومت جي پڇاڙي ۾ ٺٽي مان نڪري اچ تي ڪاهه ڪئي ۽ انهيءَ پاسي ئي وفات ڪئي.


لفظ دلشادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو