دمريلا

دمريلا (شهر): هي شهر ٺٽي ضلعي ۾ ديبل جي ويجھو هو، سومرن جو شهر هو. سلطان محمد تغلق جي دؤر ۾ باغي طغي، دمريلا ۾ سومرن وٽ پناهه ورتي هئي، جنهنڪري محمد تغلق 1343ع ۾ پيڇو ڪري گجرات جي شهر گوندل کان ٿيندي دمريلا پهتو هو. سفر ۾ بيمار ٿي پيو ۽ دمريلا ۾ سخت بخار سبب وفات ڪيائين. علامه دائود پوٽي لکيو آهي ته: دمريلا ديبل جي ويجھو هو، جو ’تاريخ جهان ڪشاء‘ ۾ واضح آهي. ضياءُ الدين برنيءَ ’تاريخ فيروز شاهيءَ‘ ۾ انهيءَ هنڌ کي ٻن جاين تي ’مريلا‘ ۽ هڪ جاءِ تي ’دمريلا‘ لکيو آهي. محقق حامد علي قريشي خانائيءَ لکيو آهي ته: اسان کي گمان آهي ته دمريلا، مڪران ۽ سنڌ جي سرحد تي هو. ’تاريخ فرشته‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”محمد بن قاسم سنڌ تي حملي ڪرڻ وقت مڪران مان ٿيندو درسله ۾ آيو، جيڪا ديبل جي سرحد آهي.“ قريشي حامد علي خانائيءَ لکيو آهي ته اهو درسله، دمريلا آهي، جنهن ڦيرگھير سبب اها صورت اختيار ڪئي.


لفظ دمريلاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو