دنبوري

دنبوري

دنبوري

دنبوري (ساز): دنبوري سنڌ جي جابلو علائقي جو ساز آهي. هي ساز تانپوري يا ستار تان ورتل ڀانئجي ٿو. دنبوري ڪاٺ مان ٺاهي ويندي آهي. دنبوريءَ جو هيٺيون اڌ گول پيٽ وانگر ٿيندو آهي. ان جي مٿان سنهو تختو لڳل هوندو آهي، جنهن کي پلڪ يا پاٽيون چئبو آهي ۽ هيٺئين اڌ گول کي پيٽ يا شڪم چئبو آهي. پيٽ جي مٿان ٻه فوٽ کن پَورو اڌ گول ڳن يا ڏانڊي وجهبي آهي. ڳن جي مٿئين حصي ۾ پاسي کان ٽي ڪِليون ڪاٺ جون لڳنديون آهن، جن کي ’ڪيريون‘ چئبو آهي. تارون انهن ڪيرين تي ويڙهيل هونديون آهن، جيڪي پوري ڳن جي مٿان ٿينديون شڪم جي هيٺئين حصي ۾ مضبوطيءَ سان ٻڌل هونديون آهن. پوءِ انهن تارن کي ملائي مضراب سان وڄائيندا آهن. مضراب کي ننهن يا آڱر سان وڄائبو آهي. دنبوري فقط ڳائڻن جي سنگت ۾ وڄائبي آهي ۽ سرنديءَ جي سنگت ۾ به وڄائبي آهي.
دنبوري جي ڳن تي سُرن ڏيکارڻ لاءِ تارون يا بند هڻندا آهن ته ان کي ’بندن واري دنبوري‘ يا ’گهريک‘ چوندا آهن. بندن واري دنبوريءَ مان راڳ ۽ ڌنون نڪري سگهنديون آهن.


لفظ دنبوريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو