دنياپور2

دنياپور2: ڪنڌڪوٽ تعلقي جي شهر غوثپور ويجھو هڪ قديمي قبرستان آهي. آڳاٽي زماني ۾ جبلن تان ڪٽڪن جي صورت ۾ مري ۽ بُگٽي قبيلن جا ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو ڌاڙا هڻڻ جي ارادي سان سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا. ان ڊپ کان شاهوڪار (هندو ۽ مسلمان) پنهنجا پئسا ۽ سون چاندي رات جي وقت هن قبرستان ۾ هٿراڌو قبرون ٺاهي پوري رکندا هئا، تنهنڪري هن مقام تي ’دنياپور‘ نالو پئجي ويو. درياهه جي سيلاب يا دنيا پوريندڙ ماڻهن جي مري وڃڻ يا نشان وسري وڃڻ ڪري اها دولت هميشه لاءِ دفن ٿي ويندي هئي. اڄ تائين به ڪنهن ميت جي پورڻ لاءِ قبر کوٽيندي ڪڏهن ڪڏهن سون ۽ چانديءَ جا سڪا لڀندا آهن. انگريزن جڏهن سنڌ جي فيلڊ سروي ڪئي هئي ته هن قبرستان جي نالي پٺيان ديهه جو نالو به دنياپور رکيو ويو. هن تاريخي قبرستان ۾ ’جهامن ڀيو‘ دفن ٿيل آهي، جنهن جي قبر 13 فوٽ ڊگھي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو