دوباھه

دوباھه

دوباھه

دوباھه (Oystercatcher/ Haematopus ostralegus): 43 سينٽي ميٽر جسامت جو هيءُ پکي اڇو ڪارو، تتر جيترو ٿئي ٿو. هن پکيءَ جا نر ماد هڪجهڙا ٿين ٿا. هن جي پٺي، مٿو، ڳچي ۽ پرَ ڪارا ٿين. باقي جسم اڇو ٿئي. هن پکيءَ جي چهنب ڊگهي ۽ نارنگي ڳاڙهي ٿئي، جنهن سان پن ۽ ڪوڏن جي اندرين ڳـَر ڪڍي کائيندو آهي. هي پکي وقفي وقفي اهڙي تيز چيخ ڪندو آهي، جو آسپاس موجود جاندارن جو ڌيان ڇڪجي ويندو آهي. دوباهه کي Oystercatcher (سِپ خور) به چوندا آهن. هي پکي سخت کوپي واري سپ جو ڳَر ڪڍي کائي نه سگهندو آهي، پر ٻين سپين ۽ ڪوڏن جو ڳر ڪڍي کائيندو آهي. هي پکي ڪراچيءَ ويجهو سامونڊي ڪنڌين ۽ ٽڪرين تي سياري ۾ ڏسبو آهي. ولرن ۾ رهندو آهي ۽ مئي ڌاري موٽي ويندا آهن ۽ ڪي ترسي پوندا آهن. هنن جي واڌويجهه جا هنڌ ڪئسپين سمنڊ ۽ ڪاري سمنڊ جا ڪنارا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو