دوحا

دوحا

دوحا

دوحا: ’الدوحه‘ ڏکڻ قطر جي گاديءَ جو هنڌ وڏو شهر آهي. هتي گھَري پاڻيءَ جو هڪ وڏو بندرگاهه آهي، جيڪو 1969ع ۾ کوليو ويو هو. هيءُ خليج فارس جـي مـلـڪـن جـي ڪارگـو سـروس لاءِ مـرڪـز جو ڪم ڏئي ٿو. قطر جي ڪل آباديءَ جو اڌ کان وڌيڪ دوحا ۾ آباد آهي. 1916ع ۾ قطر برطانيا جي هٿ هيٺ هو. 1949ع ۾ ام سعيد مان پيٽروليم جي برآمد شروع ٿيڻ تي دوحا تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي. 1971ع ۾ دوحا قطر جي خودمختيار رياست جو گاديءَ جو هنڌ بڻيو.


لفظ دوحاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو