ديراڙو-1

ديراڙو-1 (Deraro-1: ماڳ): هن دڙي جو واسطو سنڌو سڀيتا واري دؤر سان آهي. دڙي جي جاءِ وقوع تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ 69°09`10`` اوڀر ۽ 27°26`26`` اتر ۾ آهي. دڙو اوڀر اولهه ۾ 156 ميٽر ڊگھو ۽ اتر ڏکڻ ۾ 106 ميٽر ويڪرو آهي. هيءُ قديم ماڳ واريءَ جي پوٺي تي آهي، جيڪو وڻن جي گهاٽن جھڳٽن ۾ ڍڪيل نظر اچي ٿو. هتان ڀڳل چوڙيون، ٿانون جا کرچيل ۽ اڪريل ڪَنا ۽ ٽڪرا (جن تي ڪنهن خاص قسم جا نشان اڪريل آهن) وغيره مليا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو