ديوي

ديوي

ديوي

ديوي (Masquette): ديوي، وڻ جو هڪ قسم آهي، جيڪو واهن ۽ شاخن جي سم وارن ڪپرن کان سواءِ غيرآباد زمينن ۾ ٿيندو آهي. ديويءَ جو لاطيني نالو ’Prosspis juliflora‘ آهي. ديويءَ جا ڪنڊا ٿلها ۽ تکا ٿيندا آهن. ديويءَ جون ڪاٺيون ٻارڻ جي ڪم به اينديون آهن.
ديويءَ جو وڻ سڄيءَ سنڌ، خاص ڪري ضلعي ٿرپارڪر جي ڏيپلي، ننگرپارڪر ۽ عمرڪوٽ تعلقن ۾ جھجھي تعداد ۾ ٿئي ٿو. هن جون ڦريون مال جي چاري لاءِ ڪم اچن ٿيون.
ديوي زمين ۾ پاڙ هيٺ هڻندي آهي، ان ڪري ان کي پاڻيءَ جي گهٽ ضرورت پوندي آهي. برسات جي پاڻيءَ تي وڌندي آهي. ديوي لوڻياٺي ۽ سم واري زمين تي وڌيڪ اُسري ٿي. هن جون ڦريون ٻڪريون کائينديون آهن. ڪڏهن ڪڏهن اُهي سخت هئڻ ڪري ٻڪرين جون ڄاڙيون ڦيرائي ڇڏينديون آهن. ديويءَ جي وڻن جي واڌ گهڻو ڪري 1965ع ۽ 1971ع وارين جنگين دوران سڄي ٿر ۽ پارڪر ۾ ٻج ڇٽڻ سان ٿي آهي. وڌيڪ واڌ، ديويءَ جي ٻج پکڙڻ سان ٿئي ٿي.


لفظ ديويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو