دُرٻَچا

دُرٻَچا (ڳهه): سنڌ ۾ دُرٻچا ڪنن ۾ پهرڻ جو هڪ ڳهه آهي، جيڪو سماٽ ذاتيون، خاص ڪري لاڙ ۾ راهمان ۽ مينڌرا پائيندا آهن. دُرٻچا ’دُرن‘ کان ننڍا ٿين ٿا ۽ ٻه ننڍا جاڙا دُر ملائي درٻچا جوڙيا وڃن ٿا. درٻچا وزن ۾ دُرن کان هلڪا ٿين ٿا. هيءَ ڳهه نهايت سهڻو ٿئي ٿو، جنهن کي عورتون پائينديون آهن. سکا ۽ مڃتا جي صورت ۾ هيءَ ڳهه ڇوڪرن کي به پارائيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو