دُٻي-1 تان مليل پاهڻي اوزار

دُٻي-1 تان مليل پاهڻي اوزار

دُٻي-1

دُٻي-1 (ماڳ): دُٻي، تعلقي ميرواهه، ضلعي خيرپورميرس جي اڇڙي ٿر ۾ واقع آهي. هي پٿر جي دؤر جو صنعتي ماڳ آهي. قديم آثارن جي ماهرن هن ماڳ جو دؤر 20000- 2600 ق. م ڄاڻايو آهي. هن ماڳ جو ذڪر Current Studies on Indus Civilization ڪتاب جي مصنف به ڪيو آهي. هيءُ ماڳ دٻي ڍنڍ ويجهو "68° 40' 22 اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 27° 08' 27" اتر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي. هن ماڳ جي ڀر ۾ هڪ ڊرينهن آهي، جنهن جي وارِي هوا لڳڻ سان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين سفر ڪندي رهندي آهي. هيءُ ماڳ اصل ۾ هڪ ڊٻ جي لاهيءَ وٽ موجود آهي، جنهن لاءِ قديم آثارن جي ماهرن ڄاڻايو آهي ته هن ڊرينهن جي ڪري هيءُ ماڳ لٽجي وڃڻ جو امڪان موجود آهي. هن ماڳ تان چقمقي پٿرن جا ٽڪرا به ڪجهه تعداد ۾ مليا آهن. هن ماڳ کي اڇڙي ٿر جي قديم آثارن ۾ جوڳي اهميت حاصل آهي، جن ذريعي هتان جي قديم زندگيءَ بابت معلومات ملي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو