دُڪو

دُڪو: تورڻ جو هڪ وٽ يا وزن، جيڪو هڪ تولي جيترو ٿيندو آهي، اُن کي دُڪو چئبو آهي. اڳي سنڌ ۾ نئين ڄاول ٻار کي روزانو مکڻ کارايو ويندو هو، جنهن جو وزن هڪ تولي يا دُڪي برابر هوندو هو. اُن ڪري اهو پڻ دُڪو سڏبو آهي. ’ٻار کي دُڪو کارائڻ‘ اصطلاح عام آهي. اڄڪلهه دُڪي کارائڻ جو رواج ذري گهٽ ختم ٿي ويو آهي.


لفظ دُڪوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو